گهوٽڪي(ڊ ر )ليبر يونين گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي پاران پنهنجي جائز مطالبن جي حق ۾ ڊائريڪٽر سيدا جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي جي اڳواڻي ليبر يونين گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي جي صدر محمد شريف گهوٽو، جنرل سيڪريٽري شبير احمد ڀٽي، فقير محمد اعظم، نذير مهر، مختيار ڪولاچي، عبدالجبار رند، خالد ميمڻ ۽ ٻين ڪئي. ڌرڻي ۾ آبپاشي کاتي جي سوين ملازمن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن جائز مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ليبر يونين گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي ملازمن سان ناانصافي ڪري رهي آهي. ملازمن کي سندن جائز حق نه ڏنا پيا وڃن، جنهن ڪري ملازمن ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي. هن چيو ته ٽيوب ويل ايريگيشن ملازمن جيڪي سال 2011 ۽ 2012 ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا انهن کي اڃا تائين پگهارون نه ڏنيون ويون آهن، رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس به نه ڏني وئي آهي، رٽائرڊ ملازمن جي ٻارن کي فوري طور تي نوڪريون ڏنيون وڃن. ٽائم اسڪيل کان محروم ملازمن کي پروموشن ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي، هن چيو ته آبپاشي کاتي ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي سياسي ڀرتين کي بند ڪيو وڃي. اسڪارپ ڪالوني ۽ ايريگيشن ڪالوني جي ڪوارٽرن جي فوري مرمت ڪئي وڃي. هن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جا مطالبا فوري طور تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
