ستين ڊجيٽل آدمشماري جو افتتاح ٿي چڪو آهي:ڪمشنر لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور علي لغاري ستين گھر شماري ۽ ڊجيٽل آدمشماريءَ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڪمشنر طرفان پنهنجي آفيس ۾ ربن ڪاٽي ۽ پنهنجي آفيس ۾ 001 نمبر کان آدمشماريءَ جو افتتاح ڪيو جتي آدمشماري ڪندڙ ٽيمن جي عملدارن کيس ڊجيٽل ڳڻپ بابت بريفنگ ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور علي لغاري چيو ته ستين ڊجيٽل آدمشماري جو افتتاح ٿي چڪو آهي ۽ پوري سنڌ جي سمورن ضلعن، تعلقن توڙي جو هر ڳوٺن ۾ اهو عمل جاري رهندو، سمورن ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪم جي نگراني ڪندا، جن سان آدمشماري جو عملو گڏ هوندو ان لاءِ لاڙڪاڻي واسين کي منهنجي اپيل آهي ته پنهنجي گھر جي هر ڀاتي جي آدمشماري ۾ ڳڻپ ڪرائن. هن چيو ته ان لاءِ منهنجي باشعور ماڻهن، سماجي ۽ سياسي تنظيمن کي اپيل آهي ته پنهنجو شمار مردم شماري ۾ ڪرايو وڃي. هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ لاگ ان وقت ڊيٽا جي ضرورت آهي، ان کانپوءِ ڊيٽا نه هجي ته به ڳڻپ جاري رهندي، وري جتي نيٽ ورڪ ايندو ته پاڻ ئي اها ڊجيٽلائيز ٿي ويندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ آدمشماري لاءِ 5500 کان بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ تقريبن 3500 انيوميٽرز ۽ 450 سپروائيزر شامل آهن. ان کان سواءِ مختيارڪار ۽ روينيو کاتي جو ٻيو عملو به آدمشماري ۽ گھر شماري واري ڪم ۾ حصو وٺي رهيو آهي، منهنجي لاڙڪاڻي جي عوام کي اپيل آهي ته هو جتي جتي به رهن ٿا پنهنجي گھر وارن کي آدمشماري ۾ شامل ڪرائن. آدمشماري ۽ گھر شماري اسان جي پلاننگ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ان لاءِ ان ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدشماري سان ننڍيون ننڍيون فني خرابيون ٿي سگھن ٿيون، جيڪي حل ٿي وينديون. هن چيو ته عملي کي ٽريننگ ڏني وئي آهي، نادرا ۽ ٻيا ادارا به هن آدمشماري ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن، ان لاءِ هي عمل خير خوبي سان انجام تائين پهچي ويندو. ٻئي پاسي گھر ۽ آدمشماري ۾ حصو وٺندڙ عملي پاران ڊوائيس سافٽ ويئر اپڊيٽ نہ ٿيڻ سميت ڊيٽا جو نہ ھجڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شڪايتون اينديون رھيون. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں