سرور سميجو، ظهير ميراڻي، مهيش ڪمار ۽ علي محمد بروهي جو سالگرائي گلدستو سجايو ويو

ڪراچي (بيورو رپورٽر) ناليواري صحافي ۽ سماج سڌارڪ طارق عزيز ڪورائي جي ميزبانيءَ هيٺ ڪراچيءَ ۾  سنڌ جي صحافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سرور سميجو،  روزاني سنڌ جي ايڊيٽر مهيش ڪمار، ڌرتي ٽي وي ميڊيا گروپ  جي ايم ڊي ظهير ميراڻي ۽ ڊيلي  دي ايج جي ايڊيٽر علي محمد بروهيءَ جي جنم ڏينهن ملهائڻ واري اجتماعي تقريب ٿي گذري. تقريب ۾ واڪا گروپ جي سرواڻ طارق عزيز ڪورائي، روزاني سنڌ حيدرآباد جي چيف ايڊيٽر مهيش ڪمار، ڊپٽي ڊئريڪٽر انفارميشن سروسر سميجو، ڊپٽي ڊئريڪٽر انفارميشن صاحب خان ڀنڊ، سنڌ اسيمبليءَ جي چيف سڪيورٽي آفيسر ذبيح الله ٻرڙو، انفارميشن آفيسر صبغت الله لوهار، واڪا اخبار جي ايڊيٽر ماجد سمون، عمران ڪورائي، سيد آفتاب بخاري، اياز علي ٿهيم، امتياز لاشاري، سيد قاسم علي شاهه ۽ ٻين چئني شخصيتن جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ علي سنڌي، منور گل اوڏ، اوم پرڪاش، راجيش ڪمار ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. پروقار ۽ خوبصورت رنگن واري تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سرور سميجو، مهيش ڪمار، ظهير ميراڻي ۽ علي محمد بروهي ڪنهن به تعارف جا محتاج ناهن، سندن ڪردار صحافتي دُنيا ۾ اهم آهي. ڊپٽي ڊئريڪٽر انفارميشن صاحب خان ڀنڊ جو چوڻ هو ته سرور سميجو، ظهير ميراڻي ۽ مهيش ڪمار ۾ مختلف ڪردار سمايل آهن. سرور سميجو صحافت کان وٺي سرڪاري نوڪري واري فيلڊ ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي هو نهايت ئي باذوق ۽ نفيس طبيعت جا مالڪ آهن. طارق ڪورائي چيو ته دوستن کي هر ڏکئي ۽ سُکئي وقت ۾ سارڻ ئي دوستي آهي سرور سميجو، ظهير ميراڻي، مهيش ڪمار ۽ علي محمد بروهي عزت لائق شخصيتون آهن سندن لاءِ هي ننڍڙي تقريب ڪابه حيثيت نه ٿي رکي. ان موقعي تي مهيش ڪمار ۽ سرور سميجو سڀني صحافي، ادبي ۽ ادارتي دوستن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي محفل جي مورن کي مختلف ثقافتي سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں