سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کان نجي سافٽ ويئر ڪمپني پاران نوڪري لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي

ڄامشورو (ڊ ر) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ نجي سافٽ ويئر ڪمپني پاران نوڪري لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان واڪ ان انٽرويو دوران اسڪرين ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ شامل ٿيندڙ شاگردن مان 39 اميدوار پاس قرار ڏنا ويا جن مان ٽن شاگردن سئو سيڪڙو مارڪون کڻي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، جنهن تي ڪمپني کين نوڪري فوري طور تي نوڪرين تي رکڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. اربعا ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ نجي سافٽ ويئر ڪمپني انيڪو سوليوشن پاران نوڪري لاءِ انسٽيٽيوٽ جي فائنل ايئر ۽ تازو پاس آئوٽ ڪري ويل شاگردن ۽ شاگردياڻين کان واڪ ان انٽرويو واري آڇ دوران اسڪرين ٽيسٽ ورتي وئي، ٽيسٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر منيب احمد، ڪمپني جي هيڊ آف ٽئلينٽ آفيسر شرمين، انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر امتياز علي ڪوريجو ۽ ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو جي نگراني ۾ اسڪريننگ ۽ انٽرويو ورتا ويا. جنهن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ شامل ٿيندڙ شاگردن مان 39 اميدوار پاس قرار ڏنا ويا جن مان ٽن شاگردن رميز راجا، موکند ۽ ياسر علي سئو سيڪڙو مارڪون کڻي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، جنهن تي ڪمپني کين نوڪري فوري طور تي نوڪرين تي رکڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي  انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هي انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جو تمام پراڻو آهي جتان هر سال سوين ٻار تعليم حاصل ڪري نه رڳو ملڪ پر ٻين ملڪن ۾ پڻ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اسان جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي خواهش ۽ ڪوشش سان نجي سافٽ ويئر هائوسز  سان ڳالهايون ٿيون ته اسان جي انسٽيٽيوٽ جي آخري سال جي شاگردن ۽ پاس آئوٽ ڪري ويندڙن نوڪريون ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي وڃي جنهن سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ نجي سافٽ ويئر انيڪو سالوشن پاران واڪ ان انٽرويو لاءِ هي اسڪرينگ ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 106 اميدوارن حصو ورتو جن مان 39 اميدوار پاس ٿيا جن مان ٽن شاگردن سئو مان سئو سيڪڙو مارڪون کڻي نه رڳو رڪارڊ قائم ڪيو آهي جنهن مان ظاهر ٿيو ته اسان جا استاد ۽ شاگرد محنتي آهن ۽ هي اسان جا شاگرد مقابلي واري ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري نه رڳو پنهنجو پر پنهنجي يونيورسٽي جو نالو پڻ روشن ڪندا. پروفيسر ڊاڪٽر امتياز علي ڪوريجو ڳالهائيندي چيو ته هن واڪ ان انٽرويو ۽ اسڪريننگ ٽيسٽ منعقد ڪرائڻ جو مقصد انسٽيٽيوٽ ۽ انڊسٽري وچ ۾ جيڪا وڇوٽي هئي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسان کي ۽ اسان جي شاگردن کي خبر پوي ته مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي جي گهرج آهي ۽ ان گهرج کي نظر ۾ رکي شاگردن کي پروجيڪٽس ڏئي تياري ڪرائي سگهجي. ڪمپيوٽر سائنس جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي ٻهراڙين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اڪيلو ادارو آهي جتي وڏي انگ ۾ شاگرد پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ڊگري حاصل ڪندڙ هتان وڌ کان وڌ حيدرآباد تائين محدود ٿي وڃن ٿا يا کين واپس ڳوٺ ورڻو پوندو آهي ان ڪري اسان ڪوشش ڪئي ته نوجوان کي ڪراچي ۾ سافٽ ويئر هائوسز جي مارڪيٽ ۾ آڻجي هينئر هڪ ڪمپني آئي آهي تمام جلد وڌيڪ ڪمپنيون هتي اينديون، جيڪي اسان جي قابل نوجوانن کي موقعا فراهم ڪنديون نه رڳو مارڪيٽ ۾ پر گهر ويٺي به انهن کان پنهنجو ڪم وٺي روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهن ٿيون. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر منيب احمد ۽ ڪمپني جي هيڊ آف ٽئلينٽ آفيسر شرمين سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خاص ڪري انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي منتظمین جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي قابل شاگردن کي نه رڳو پنهنجي اداري پر مارڪيٽ ۾ موجود ٻين سافٽ ويئر هائوسز ۾ مناسب جاءِ ڏياريون. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الرحمان مري، ڪامران بروهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر فدا چانڊيو، ڊاڪٽر گلشير لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں