اسلام آباد (بيورو) سڄي ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل مردم شماري شروع ڪئي وئي آهي، ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جا تفصيل موبائل ۽ ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ ذريعي داخل ڪن. اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري شروع ٿي وئي آهي. چيف مردم شماري ڪمشنر ڊاڪٽر نعيم الظفر جو چوڻ آهي ته مردم شماري بابت سمورن صوبن کي آن بورڊ وٺي ڇڏيو آهي، آدمشماري جو پهريون مرحلو پهرين کان 15 مارچ تائين ٿيندو، هڪ مهيني کانپوءِ آدمشماري جا نتيجا قوم کي ڏنا ويندا. ملڪ ۾ آبادي جي تناسب سان وسيلن جي فراهمي جي حوالي سان اهو عمل تمام ضروري آهي. مردم شماري لاءِ هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هر ماڻهو کي ڪمپيوٽر يا موبائيل فون ذريعي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان کي رجسٽر ڪرائڻو پوندو. رجسٽريشن جي عمل مان گذرڻ کانپوءِ هر شهري کي هڪ پاس ورڊ ملندو ۽ ان ذريعي هو پنهنجو ڊجيٽل مردم شماري فارم ڀريندو ۽ تصديق کان پوءِ موبائيل تي يو ٽي اين نمبر ملندو، اهو نمبر مردم شماري لاءِ ايندڙ عملي کي ڏيکاريو ويندو ۽ ان جي تصديق ڪئي ويندي.
