لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي لاڙڪاڻو جي پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه يونيورسٽيءَ جي مک ڪئمپس ۾ 68 ملازمن ۾ سروس اسٽرڪچر پاليسي تحت ٻه ۽ هڪ اسڪيل ترقي جا آرڊر ورهايا جن ۾ گريڊ 14 کان 16 جو هڪ ملازم، گريڊ 11 کان 13 جا ٻه ملازم، گريڊ 10 کان 12 جا چار ملازم، 8 کان 10 جا نَو ملازم، 5 کان 7 جا ٻه ملازم، 5 کان 6 جا پنج ملازم، 4 کان 5 گريڊ ۾ 32 ملازم شامل هئا جن جو واسطو غلام محمد مهر ڪاليج سکر ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو سان آهي. اهڙي طرح ترتيبوار مجوعي طور تي ترقي حاصل ڪندڙ ملازمن مان مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي ملازمن جو تعداد 50 ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 18 ملازمن ۾ ترقي جا آرڊر ورهايا ويا. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته ڪنهن اداري جي لاءِ اتان جا ملازم ڪرنگهي جي هڏي جيان هوندا آهن ۽ ملازمن جي ترقي حقيقت ۾ اداري جي ترقي هوندي آهي. ان حوالي سان ترقي حاصل ڪندڙ ملازمن انتهائي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سروس اسٽرڪچر اسان جو پراڻو مطالبو هو جيڪو اڄ پورو ٿيو آهي، اسان انتظاميه خاص طور وي سي جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر هيومن رسورس جبران ظفر پيرزادو ۽ رجسٽرار پروفيسر عبدالرئوف خاصخيلي سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
