حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) وومين ايڪشن فورم طرفان عورت آزادي مارچ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪالهه ڪيفي خانا بدوش ۾ سڃاڻ ڌرين جي گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ انساني ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙِيندڙ تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سماج سڌارڪن شرڪت ڪئي. عورت آزادي مارچ 8 مارچ تي 2 وڳي شهباز بلڊنگ کان شروع ٿيندو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب تي پهچندو. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ويف اڳواڻن امر سنڌو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، حسين مسرت ۽ نسيم جلباڻي چيو ته 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن کي سڄي دنيا جي عورتن سان گڏ سنڌ جون عورتون پڻ غلامداري سماج ۾ پدرشاهي رسمن رواجن ۽ قانونن کان آزادي جي جدوجهد طور ملهائينديون. هنن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عورتن کي معاشي توڙي قانوني انصاف جي فراهمي ٿئي ۽ صنفي متڀيد ۽ پدرشاهي سماج جو مڪمل خاتمو اچي. هنن چيو ته گهرو تشدد، ڪاروڪاري، جرڳا سسٽم، سنڱ چٽي، پيٽ لکي ڏيڻ، عورتن جو وڪرو، ننڍي عمر ۾ شادي، مدي خارج رسمن ۽ هر قسم جي حراسمينٽ سميت عورتن خلاف دٻاءَ ۽ تشدد جو مڪمل خاتمو اچڻ گهرجي. هنن چيو ته ريلي ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙِيندڙ تنظيمن، سياسي جماعتن ۽ ان جي عورت ونگ جي اڳواڻن توڙي حيدرآباد جي ڳوٺن، اسڪولن ۽ سماجي تنظيمن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن. گڏجاڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر امداد چانڊيو, پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، ايڇ يو جي جو صدر اقبال ملاح، ايڇ آر سي پي اڳواڻ غفرانا آرائين، عورت اڳواڻ ، عاليه بخشل، ماروي اعواڻ، فرزانه ٻرڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
