اسلام آباد (بيورو) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ( پي اي سي ) رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. پي اي سي جي رڪن برجيس طاهر چيو مُلڪ ۾ ڏيڍ لک سرڪاري گاڏيون آهن، ان جو پيٽرول بند ڪيو وڃي جڏهن ته مشاهد حسين سيد چيو ته سرڪار کاتتن ۾ پنج لک رُپين کان وڌيڪ پگهارون نه ڏنيون وڃن. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته پي ايس او جا فيول ڪارڊ مليا آهن اُهي بند ڪرايو جڏهن ته شيخ روحيل اصغر چيو ته وي آءِ پي طبقي جو گاڏيون بم پروف آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مان پاڻ پنڌ هلندي ڏٺو آهي، جن وي آءِ پيز کي ڊپ ٿئي ٿو اُهي عهدو نه وٺن يا گهر ۾ رهن. اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي وي آءِ پي موومينٽ دوران ٽريفڪ کي روڪڻ کان منع ڪيو، پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته مُلڪ ٻڏي رهيو آهي جڏهن ته وي آءِ پيز هزارين ليٽر مفت تيل ۽ موناٽيزڊ پاليسي انجواءِ ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آڊٽ اختياريون ايندڙ هفتي سمورو رڪارڊ فراهم ڪن، سي ڊي اي طرفان ريڪور ڪيل پلاٽن جا تفصيل پڻ فراهم ڪيا وڃن.
