پکو(ن س) پکو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ موسم بھار جي پھرين وسڪاري سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي ۽ ٿڌ ۾ اضافو پڻ ٿي ويو آهي آھسته آھسته پوندڙ بوندا باري ۽ لاڳيتو وسڪاري سبب سموري عوائقي جي بجلي واپڊ جي اختيارين پاران معطل ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري ڪاروھنوار پڻ متاثر بڻيل آهي بجلي نه ھجڻ ڪري شھر جي تقريبن محلن ۾ لڳل ڊسپوزل مشين بند ھئڻ سبب اڳ جي پيل برسات جو پاڻي ته نيڪال نه ٿي سگهيو ويتر ڊرينج جو پاڻي به برسات جي پاڻي سان شھر جي مختلف محلن جي گھٽين ۾ جمع ٿي ويو آهي ٻئي طرف شھري ٿڌ سبب گھرن تائين محدود ٿي ويا.
