آءِ ايم ايف جي مطالبي تي اسٽيٽ بئنڪ طرفان وياج جي شرح 3 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان

ڪراچي (بيورو) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 3 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح 20 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. آڪٽوبر 1996 کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح جي اها بلند ترين سطح آهي، جنوري 2022 کان هيل تائين مرڪزي بئنڪ مهانگائي تي ضابطي لاءِ وياج جي شرح ۾ 1050 بيسس پوائنٽس جي واڌ ڪري چڪي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل مانيٽري پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته وياج جي شرح 3 سيڪڙو وڌائي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ اها 20 سيڪڙو هوندي. مانيٽري پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 27 کان 29 سيڪڙو رهندي، نومبر پاليسي اجلاس ۾ مهانگائي جي شرح 21 کان 23 سيڪڙو رهڻ جو امڪان هو، مهانگائي جا امڪان گهٽائڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ واڌ ضروري هئي. بيان موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ڀاڱي ٽي گهٽائي به بي يقيني جي صورتحال برقرار آهي، آءِ ايم ايف جي نائين جازي سان ننڍي مدي ۾ ڳڻتي گهٽ ٿيندي، حڪومت جي ايس ٽي، ايڪسائز ڊيوٽيز ۽ توانائي اگهه وڌايا ۽ سبسڊيز گهٽايون آهن. اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 4 اپريل تي ٿيندو. واضح رهي ته آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کان وياج جي شرح وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں