اوٻاوڙو ۾ ڳوٺاڻن جو ريتي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو جھنگل ملڪ جي ڳوٺاڻن  جو ريتي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي عبدالعزیز شر مولوي حاجي اڳڻ شر، سياسي سماجي اڳواڻ غلام ياسين چانگ جي اڳواڻي ۾ ريتي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته ريتي ايس ايڇ او ظهير ڀٽو اسان جي ماڻھن کي گرفتار ڪري انهن  کان ڏينهن ڏٺي جو 2 لک رپيا سرعام جهنگل ملڪ شهر مان ڦر ڪيا آهن پوليس تشدد جو نشانو بڻايو آهي هاڻي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته اوهان پئسن جي واپسي جي ڳاله ڪئي ته اوھان تي اهڙو ڪيس داخل ڪندس جو سڄي عمر جيل ۾ گذاريندا ۽ هو هاڻي  اسان مٿان ڪوڙو ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي  اسان جي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو کان مطالبو آهي ته اسان کي پيسا واپس ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں