دادو ۾ بيواهه عورت جون ڦر واقعي خلاف دانهون

دادو(ڊ ر) دادو ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 2 سڳيون پيرسن ڀينرون نواب زادي ۽ جادو برهماڻي ڊپٽي ڪمشنر دادو جي رهائش واري روڊ تي موندر ناڪي وٽ ڦرجي ويون، بيواهه پيرسن عورتن جون ڦر واقعي خلاف واقعي واري هنڌ دانهون پر ڪنهن به سندن موقعي تي واهر نه ڪئي ۽ موٽر سائيڪل سوار ڦورو پيرسن ڀينرن کان 77 هزار روپيه روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويو، پيارو اسٽيشن شهر جي برهماڻي ڪالوني جي رهواسي بيواهه عورتن نواب زادي زال غلام مصطفيٰ برهماڻي ۽ جادو زال غلام نبي برهماڻي جيڪي دادو شهر جي مائيڪرو فنانس بينڪ مان بينيوئل فنڊ جي رقم 52 هزار روپيه ۽ پينشن جي رقم 25 هزار روپيه ڪڍرائي پيادل دادو شهر جي مکيه روڊ جنهن تي ڊي سي هائوس، ايس پي هائوس، جيم خانه، سرڪٽ هائوس، ايريگيشن ريسٽ هائوس ۽ ٻيا ادارا واقع آهن ان روڊ تان هنن ڀينرن کان موٽرسائيڪل سوار هنن مٿان سر عام تشدد ڪري پرس ڦر ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀينرن جي گڏيل رقم پيل هئي جيڪا 77 هزار روپيه ٻڌائي وڃي ٿي، متاثر عورتن نواب زادي ۽ جادو برهماڻي پاران دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي پاڻ کان ٿيل ڦر واقعي جي رپورٽ دخل ڪرائي، جڏهن ته ٻنهي متاثر پيرسن ڀينرن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل 11 سالن کان پنهنجن مڙسن جي وفات بعد پينشن کڻندا آهيون اڄ دادو جي هڪ مالياتي اداري ايڇ بي ايل مائيڪرو فنانس بينڪ مان پينشن ۽ آيل بينيوئل فنڊ جي رقم ڪڍرائي پيارو اسٽيشن وڃڻ لاءَ بس اسٽاپ تي پيادل وڃون پيا ته موندر ناڪي وٽ ڏينهن ڏٺي جو شهرين جي موجودگي ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار ڦورو ديده دليري سان اسان تي تشدد  ڪري ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويو.، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته اسان غريب ۽ بيواهه عورتون آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں