راڌڻ(ن س) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ملڪ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هينو ويو ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪنداسين ڊجيٽل آدمشماري هڪ لساني گروه کي خوش ڪرڻ ڪرائي پئي وڃي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڏهن سالن کان آدمشماري ناهي ڪئي ويئي هي پهرين آدمشماري جيڪا 5سالن ۾ ڪئي پئي وڃي هن چيو ته بنا شناختي ڪارڊ جي ٿيندڙ آدمشماري قبول ناهي ڌارين کي سنڌ جو شهري قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ملڪ اندر قانون ئي آئين جي بالادستي هجڻ گهرجي ڪنهن جي فرمائش تي قانون کان مٿاهان قدم نه کنيا وڃن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ آهن ڊجيٽل آدمشماري ڪندڙ عملي کان ٽرينگ ناهي ڏني ويئي سڀ بنا ٽرينگ جي آهن کين ڪا خبر ناهي ته ڪم ڪهڙي طريقي ڪرڻو آهي هن چيو ته فوري تي شروع ٿيل فلاپ آدمشماري مهم کي روڪيو وڃي ۽ عام اليڪشن ڪرائي وڃي ملڪ هن وقت سياسي بهران ۾ آهي نئين حڪومت سنجيدگي سان آدمشماري طرف وڌي اسان ٿيندڙ آدمشماري کي قبول نه ڪنداسين هي احتجاج جو سلسلو هاڻي تيز ٿيندو ان موقعي تي ڪامريڊ محبوب حيدر ۽ ولي محمد برهماڻي ۽ ٻيا گڏ هئا
