سوڀوديرو ڀرسان زمين تي مبينه قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو،ٽائرن کي باهه

سوڀوديرو(ن س)سڳيون ڀرسان ڳوٺ ڪامل ڀٽي جي رهواسين جو مبينا زمين تي قبضي ۽ فصل کڻڻ خلاف ڀٽي برادري جي ماڻهن جو سندن برادري جي ماڻهن ۽ ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي پوليس خلاف درگاھ دادلي سرڪار لڳ سڳيون، قاضي ڀٽا لنڪ روڊ تي پاڪ ڪتاب کڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪندي نيشنل پريس ڪلب سڳيون جي صحافين اڳيان دانهيندي بخش علي ڀٽي، فقير علي گل ڀٽي، عبدالرزاق، جهنڊل، عاشق ڀٽي ۽ عورتن ڪزبانو ڀٽي، حاجران ڀٽي، ۽ ٻين چيو ته اسان جي زمين تي بااثرن محمد ايوب ڀٽي، واحد بخش ڀٽي، ڌڻي بخش ڀٽي ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي پوليس جي مدد سان قبضو ڪري اسان جو سر ھن جو تيار ٿيل فصل کڻي ويا آهن هنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون اسان جا برساتن سبب گهر به ڪري پٽ پئجي ويا آهن اسان انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهيون ويتر اسان جي تيار ٿيل فصل تي ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي پوليس بااثرن کان رشوت وٺي اسان جو فصل کڻائي ويا آهن هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صاف شفاف جاچ ڪري نااهل پوليس عملدارن کي هٽائي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي فصل واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں