عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ جي احتجاجي ريلي،ڌرڻو

عمرڪوٽ(ڊ ر) ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف ۽ پي ٽي آء جي وائس چيئرمين مخدوم شاھ محمود قريشي ۽ اسد عمر سان اظھار يڪجھتي لاء پي ٽي آء عمرڪوٽ جي اڳواڻن طرفان اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، خانصاحب حاجي اصغر پلي، حاجي حسين منڱريو، ليکراج مالھي، دوست محمد ميمڻ، روبينا قائمخاني سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ اظھار يڪجھتي ريلي ڪڍڻ بعد پريس ڪلب آڏو مھانگائي خلاف ڌرڻو ھنيو ويو جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ شاھ محمود قريشي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ھو ھڪ سچو ليڊر آھي ۽ ھڪ با اصول سياستدان آھي ھن وڌندڙ مھانگائي ۾ موجوده حڪومت غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، غريب ڏينهون ڏينهن غريب پيا ٿين ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير، موجوده حڪومت پاڪستان کي پندرھن سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي ھنن ڪرپٽ ٺڳ ٽولن غريبن کان روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو ھڻي اٽو لٽو اجھو ڦرڻ سان گڏوگڏ ٻہ ويلا مانيءَ بہ کسي ورتي آھي روز مرھ جون شيون آسمان سان ڳالهيون پيون ڪن ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جو ذميوار حڪومت وري عمران خان کي قرار ڏنو آھي جيڪو سراسر غلط عمل آھي 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں