نوابشاهه ۾ ڀلوڙ جانورن جي ٻن ڏينهن واري نمائش اڄ کان شروع

نوابشاهه(ڊ ر) ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پھريون ڀيرو لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي پاران جانورن جي اعليٰ نسلن جي نمائش ڪرائي پئي وڃي، جنھن ۾ اعليٰ نسل جون مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون اٺ، گھوڙا ۽ ٻيو چوپايو مال سنڌ جي مختلف ضلعن مان گھرايا ويندا، جڏهن ته انھيءَ موقعي نواب شاهه واسين ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز لغاري، ڊاڪٽر طارق ميمڻ ۽ ٻين پاران سنڌ جي سونھن ڦاڙھو گڏ وٺي شھر کي مختلف ھنڌن تي واڪ ڪندي پريس ڪلب پھتا جتي ڊاڪٽر اعجاز لغاري چيو ته برساتن کان پوءِ جيڪي مالوندن جا جانور بيماري سبب مري ويا هئا ۽ ڀاڳين کي تمام وڏو نقصان ٿيو ھو جنھن سبب پورھيت سخت پريشان ٿيا جنھن ڪري پھريون ڀيرو ٻن ڏينهن جو 3 کان 4 مارچ تائين نواب شاھه جي علي شاهه بنگلور سڪرنڊ روڊ وٽ اعليٰ نسلن جي جانوري نمائش لاء ميلو لڳائي رھيا آھيون جنھن جو مقصد آھي ماڻھن ۾ جاگرتا پيدا ٿئي ھن نمائش ۾ فيمليز ۽ ٻار شرڪت ڪري لطف انداز ٿيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں