نوشهروفيروز ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ شهرين جو ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نوشهرو فيروز مان گندو پاڻي نه ڪڍرائڻ ۽ ان ۾ مسلسل اضافي، چورين، ڦرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ريلي ڪڍي ويئي جيڪا ڊي سي آفيس پهتي جتي مئن گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، امتياز سومرو، نويد احمد راڄپر، ارشاد عباسي،  زينب، اصغر سنڌي، محمد امين راڄپر، وحيد علي ميمڻ، سرور سنڌي، خالد چانڊيو، احسان کوسو، اسد علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته هتي انتظاميا ٽڪي جي به ناهي سخت احتجاج باوجود شهر مان گٽرن جو پاڻي نٿو نڪري هڪ طرف روڊ رستا گندي پاڻي ۾ آھن جو ڪوبه شهري ٻار ٻچو گذري نٿو سگهي ته ٻئي طرف نا اهل  ايس ايس پي جي ڪري امن و امان جي صورتحال خراب آھي. روز ڪا نه ڪا واردات ٿئي ٿي. ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لهراڻي، ايڊوڪيٽ اشفاق احمد تڳر، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته شهر اندر ڊرينيج سسٽم کي بهتر ڪيو وڃي، شهر جون گليون پيور ڪيون وڃن، شهر ۾ بدامني چوريون ڌاڙا ڦرون ختم ڪري عوام کي تحفظ ڏنو وڃي. هنن سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ سينئر صحافي ايم ظفر تڳر جي مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں