پکو ۾ ستين ڊجيٽل آدمشماري شروع ٿي وئي

پکو(ن س) پوري سنڌ جيان پکو جي علائقي ۾ ستين ڊجيٽل آدمشماري سروي شروع ٿي وئي آھي آدمشماري ٽيمن يونين ڪائونسل خيرپور جوسو جي مختلف ڳوٺن جي بلاڪن ۾ ڊوائيز وسيلي گھر شماري ۽ مردمشماري سروي شروع ڪري ڏني آھي ان حوالي سان آدمشماري عملي جو چوڻ آھي ته ھي قومي ڊيوٽي آھي جنھن کي صاف شفاف نموني سان سرانجام ڏئي رھيا آھيون شروعاتي مرحلي ۾ گھر شماري ۽ ٻئي مرحلي ۾ فرد شماري جيڪا مڪمل طور آن لائين ڪئي پئي وڃي ان ڪري رھواسين کي گُھرجي ته ھُو معلومات ڏيڻ ۾ عملي سان سھڪار ڪن جيئن ھي قومي فرض مقرر وقت تي پورو ٿي وڃي ھوڏانھن قمبر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو عوام کي اپيل ڪندي چيو آھي ته  آدمشماري ۽ گھر شماري جون  ڊجيٽل ٽيمون گھر گھر اچي آدم شماري ۽ گھر شماري ڪري رھيون آھن ان ڪري عملي سان تعاون ڪيو وڃي جئين ڪو به گهر آدمشماري کان رھجي نه وڃي ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي آدمشماري۽ گهر شماري تحت مٿان کان مالياتي فنڊ ۽ ھر ڪوٽا ملندي آهي تنھنڪري ھن آدمشماري ۽ گھر شماري ۾ صحيح انگ اکر لکرايا وڃن ته صوبي کي پنھنجا حق ملي سگھن ٻئي طرف آدمشماري عملي جي سڪيورٽي لاءّ پکو ٿاڻي جا اھلڪار پڻ آدمشماري عملي لاء مقرر ڪيا ويا آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں