بدين ( ڊ ر) سنڌ حڪومت جي انساني حقوق کاتي پاران آرٽ ڪائونسل ٿر جي تعاون سان مقامي هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار کي خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ براءِ انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايم پي اي تنزيلا ام حبيبه قمبراڻي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سدائين انساني حقن جي ڳالهه ڪئي آهي پاڪستان پيپلزپارٽي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن سب کان وڌيڪ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي پي پي پي جيترو عورتن جي حقن لاءِ ڪوششون ورتيون آهن شايد ئي ڪنهن سياسي پارٽي ڪم ڪيو هجي دنيا اڄ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي انساني حقن واري ڪوششن کي ساراهي ٿي هن چيو ته وزير اعلي جي اسپيشل اسٽنٽ براءِ انساني حقوق ساڌو مل سريندر ولاسائي جا ٿورائتا آهيون جنهن بدين ۾ انساني حقوق جي آگاهي لاءِ هي سيمينار رکرايو آهي سيمينار کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو چيو ته بدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انساني حقن لاءِ بدين مان سب کان وڌيڪ مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ڳالهايو اڄ بدين جا ماڻهو ڊاڪٽر سڪندر منڌرو کي سنهري لفظن ۾ ياد ڪري رھيا آھن سيمينار کي خطاب ڪندي فوڪل پرسن هيومن رائٽس سيڪشن آفيسر امجد علي چانڊيو، کشور کمار آسوانی پروفيسر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو، انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ايڊووڪيٽ رام ڪولهي، پي پي پي ڊپٽي سيڪريٽري ضلع بدين حاجي مير ملاح، قانون جو شاگرد نياز راهوڪڙو، امير منڌرو ۽ ٻين چيو ته انساني حقن جي ڳالهه سب کان پهرين اسلام ڪئي حج الوداع جي موقعي تي اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم چيو ته ڪنهن به عربي کي عجمي تي ۽ ڪنهن به عجمي کي عربي تي ڪابه فضيلت نه آهي سواءِ تقوا جي، دنيا جو ڪوبه مذهب يا ڪابه تنظيم انساني حقن جي ايتري آسان لفظن ۾ وضاحت نٿو ڪري سگهي جيترو آسان ۽ سادن لفظن ۾ اسلام ٻڌايو آهي جنهن هڪ انسان جي جان بچائي انهي پوري انسانيت کي بچايو انسانن جي ڪابه درجا بندي نه آهي سب برابر آهن اسان جو آئين به اسان کي اهوئي سيکاري ٿو آئين توهان کي آزادي ڏي ٿو ته توهان کي ٻولي، ڪلچر، سڪيورٽي، تعليم، صحت، پنهنجي ملڪ ۾ آزادي سان رهڻ جو حق ڏي ٿو سنڌ حڪومت ٻين صوبن جي مقابلي ۾ انساني حقوق تي تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي هنن چيو ته هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا انساني حقن جو خيال رکي ٿي سب کان پهرين پاڪستان پيپلزپارٽي آهي جنهن ماڻهن کي ان جا حق ڏئي ڳالهائڻ سيکاريو آهي هنن مطالبو ڪيو ته ھر ضلعي ۾ هيومن رائٽس جي ڊيسڪ هجڻ گهرجي جيڪا غريب ماڻهن جي مدد ڪري سيمينار ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي سماجي شخصيتن تعليم جي ميدان ۾ ڪاوشون وٺندڙ سمورين شخصيتن کي هيومن رائٽس ايڪٽيوسٽ اعزازي ايوارڊ ڏنا ويا. غريب ۽ مظلوم جي آواز کي ايوان بالا تائين پهچائڻ لاءِ اطلاعات کاتي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو ۽ اطلات کاتي بدين کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو آگاهي سيمينار ۾ انساني حقن بابت ٻارڙن ٽيبلو پيش ڪيا سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، ايوان صحافت جو صدر هارون گوپانگ، انور ملاح، نریش بریا، سني ڀمڀرو، ماما عبدالمجيد ملاح، انيس ميمڻ، محمد حنيف گهراڻو ۽ سياسي سماجي شخصيتن قانون دانن شاگردن ۽ شاگردياڻين زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
