ڪنڌڪوٽ(ڊ ر)ڪنڌڪوٽ پوليس پاران گذريل ڏينهن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل مبينا ڏوهاري عبدالستار کوسو جي وارثن پوليس خلاف احتجاج ڪيو.متاثرين پنهنجي ڳوٺ سليم خان کوسو ۾ پوليس خلاف احتجاج ڪندي اعتزاز،ذوالفقار،محمد رمضان،بلاول،عبيدالله کوسو ۽ ٻين چيو ته پوليس عبدالستار کوسو ۽ عبدالفهيم کوسو کي ڪجه ڏينهن پهريان کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي هن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هن وقت تائين عبدالستار سان گڏ کنڀي گم ڪيل عبدالفهيم کوسو جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پيو متاثرين داهيندي چيو ته اسان کي خدشو آهي پوليس عبدالستار جيان عبدالفهيم کي به جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيندي.هنن چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي قتل ڪرڻ ۽ ٻئي کي کنڀي گم ڪرڻ ۾ ملوٽ آهن.هنن چيو ته پوليس اسان سان وڏو ڪهر ظلم ڪيو آهي اعليٰ عدليا،آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه ان معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ ناحق قتل ٿيل عبدالستار کوسو جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
