ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي ڄامشورو ۾ منشيات ۽ وڌندڙ بدامني ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو کي هٽائڻ لاءِ ايس ٽي پي پاران سيشن ڪورٽ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي،ان موقعي ايس ٽي پي اڳواڻن يونس اوٺو، سڪندر بليدي، غلام مصطفي شاهاڻي عبدالحڪيم کونهارو ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني سبب شهري غير محفوظ آهن، ايس ايڇ او ڄامشورو مظهر نائچ شهرين کي مبينا اغوا ڪري لکين روپيا وصول ڪري رهيو آهي، پيسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ شھرين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف ڄامشورو ۾ سرعام منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، ڄامشورو ٿاڻو سندس ڀاءُ شوڪت نائچ هلائي رهيو آهي جيڪو شهرين کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث آهي، هنن چيو ته ڪجھ ٽائيم اڳ گلشن شهباز مان نوجوان نياڻي کي اغوا ڪري 10 ڏينهن گم ڪري ڇڏيو هو، هنن سنڌ اعلي اختيارين ڊي آئي جي حيدرآباد آئي جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو ته ڄامشورو ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايڇ او ڄامشورو کي فوري طور هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، نه تي بي صورت ايس ٽي پي پاران ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي..
