گهوٽڪي(ڊ ر) ليبر يونين گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي پاران ٽئين ڏينهن به ڊائريڪٽر سيدا جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ليبر يونين جي صدر محمد شريف گهوٽو، جنرل سيڪريٽري شبير احمد ڀٽي، عبدالجبار رند، نذير مهر، شاهنواز خان چاچڙ، بشير احمد شر، نصرالله ملڪ ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي شبير احمد ڀٽي، محمد شريف گهوٽو ۽ ٻين چيو ته اسان جي احتجاج کي اڄ ٽي ڏينهن گذري ويا آهن، ملازم بدحالي جو شڪار آهن پر حڪمرانن وٽ ملازمن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ ڪا به واضح پاليسي ناهي. سنڌ جي عوام جو جيئڻ ۽ مرڻ پيپلز پارٽي سان گڏ آهي پر سنڌ جي غريب عوام ۽ آبپاشي کاتي جا ملازم سراپا احتجاج آهن. پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به ڊائريڪٽر سيدا جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، هن چيو ته اسڪارپ ڪالوني ۾ رهندڙ ملازمن جي گهر جي ڇت ڪري پئي آهي، جنهن ڪري ملازم جي ڌيءَ جي بازوءَ جي هڏي ڀڄي وئي آهي، جنهن سبب نينگري جو پيءُ سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي. هنن چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا نه مڃيا ويندا تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.
