دادو(ڊ ر) دادو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران آدمشماري ۽ گهر شماري بابت آگاهي مهم لاءِ ضلع ڪائونسل دادو ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي، ڪانفرنس ۾ پ پ پ ضلعي دادو جي صدر ۽ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، غلام دستگير ڳورڙ، اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه، پ پ پ اڳواڻ خليل احمد شيخ، بابن خان پنهور، خالد ميراڻي، شھزاد ڀنڊ، خليل جمالي، محمد بخش ڪورائي، اي ڊي لغاري سميت نون چونڊجي آيل ڪائونسلر، يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ضلع ڪائونسل ميمبرن سميت سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي، آدمشماري مهم ۽ گهر شماري جي آگاهي مهم تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ ضلعي دادو جي صدر رفيق احمد جمالي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ دادو ضلعي جي هر فرد کي حصو وٺڻ گهرجي، اگر ڪو به خدشو ظاهر ٿيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيٺل هوندي، هن وقت اسان سڀني کي هڪ ٿي پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻي آهي، دادو ضلعي جو هر خاندان پنهنجي فردن جي ڳڻپ ڪرائن ۽ گهر شمار ڪرائن ته جئين سنڌ جي حقيقي وارث جيڪي سنڌي آهن انهن جي اڪثريت آهي ۽ اڪثريت رهي آدمشماري سان ئي سنڌ ۾ روزگار کي وڌ کان وڌ آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو هر ڪارڪن پنهنجن ماڻهن جي مالڪي ڪندي ڊجيٽل آدمشماري ۾ منجهيل ماڻهن جي مدد ڪندو ته جئين هر گهر ۽ فرد جي ڳڻپ لازمي ٿي سگهي.
