سنڌي ٻوليءَ جي واهپي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺنداسين:خليل ابوپوٽو

حيدرآباد(پ ر)سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران جاري جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾، چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اداري اندر سنڌي ٻوليءَ جي واهپي وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ادارن وچ ۾ ٻوليءَ کي هٿي وٺرائڻ جي ڏس ۾ هڪٻئي سان سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ بااختيار اداري جي چيئرمئن سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ائڪٽ تحت سنڌ جي سمورن ادارن وانگر شاهه لطيف يونيورسٽي اندر مختلف فئڪلٽين، شعبن ۽ انتظامي شعبن جا نالا لکڻ ۽ انگريزيء وانگر نمايان ڪري لکڻ جي اهميت تي روشني وڌي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته سنڌ جي ادارن اندر سنڌي ٻوليءَ جي واھپي ۽ سائن بورڊ توڙي نالن جون تختيون سنڌيءَ ۾ لڳائڻ سان پنھنجي ٻوليءَ جي موجودگيءَ جي احساس کي هٿي ملندي ۽ اداري اندر پڙهندڙ شاگردن ۾ پڻ اداري سان پنھنجائپ جو رشتو قائم ٿيندو. اسان کي سنڌ جي ادارن ۾ سمورن بورڊن تي سنڌي ٻولي لازمي لکڻ کپي ۽ مٿان لکڻ کپي، جيئن سڌريل ملڪن ۾ اصلوڪين ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي پنھنجي ڊگري انگريزي توڙي اردو ٻوليء ۾ جاري ڪري ٿي، بمبئي يونيورسٽي هندي ۽ انگريزيء ۾ ڏئي ٿي، سنڌ جي سمورين يونيورسٽين کي پڻ بي. اي، ايم. اي، ايم فل توڙي پي ايڇ ڊي جي ڊگرين تي سنڌيء کي به شامل ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنھنجي ماء ٻوليءَ کي بہ اها اهميت ڏيڻ کپي، جيڪا انگريزيءَ توڙي اردوء کي ڏيون ٿا، ڇو ته سنڌ اسيمبلي سنڌيء کي سرڪاري ٻولي قرار ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته نئين نسل وٽ ٻوليءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان کي احساس ڪمتري وارن رجحانن کي رد ڪرڻو پوندو. هن چيو تہ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، تحفظ ۽ ترويج طرف تعليمي ادارن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، ان ڪري ٻوليءَ جي سلسلي ۾ علمي ادبي ادارن جو هڪٻئي سان سهڪار وقت جي ضرورت آهي. يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي چيو تہ هڪ وڏي قومي مقصد لاء ادارن جي ويجهڙائي ۽ هڪٻئي سان سهڪار سان ئي ڪاميابي ممڪن آهي. اسان اداري جي فورمن کان منظوري وٺي، سنڌي ٻوليءَ جي واهپي وڌائڻ لاء هر ممڪن اپاء وٺنداسين. ان موقعي تي وائيس چانسلر يقين ڏياريو ته يونيورسٽي جي ڪاروهنوار ۾ انگريزي ۽ اردوء سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي ساڳي اهميت ڏئي ممڪن بڻايو ويندو. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں