ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته هو آدمشماري لاءِ اڳتي اچن ۽ هر فرد جي ڳڻپ ڪرائين ڇو ته آدمشماري ۾ ڳڻپ قومي فرض آهي ۽ آدمشماري جي ڳڻپ ۽ سندس سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي تفصيل جي بنياد تي آبادي کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ حڪومت مدد ڪري سگهندي. هن اهڙو اظهار جمعي ڏينهن پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪوٺايل سنڌ لٽريچر فيسٽيول کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ثقافت وارو وزير سيد سردار شاهه پڻ ساڻس گڏ هو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ ستين گهرشماري ۽ آدمشماري شروع ٿي چڪي آهي ۽ اها پهرين اپريل 2023 تائين جاري رهندي. هن وڌيڪ چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي ته آدمشماري جو عمل ڊجيٽل طريقي سان ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ گهرن ۽ ماڻهن جا تفصيل آن لائين ۽ ڊجيٽل ڊيوائسز ٽيبلٽس تي رڪارڊ ۽ رجسٽرڊ ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته هو هر هڪ فرد جي ڳڻپ ڪرائين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن توهان ڳڻپ لاءِ پنهنجو نالو داخل نه ڪرائي سگهيو ته پوءِ مردم شماري جو عملو توهان جي گهر جو دورو ڪندو تنهنڪري پڪ ڪري وٺجو ته توهان سميت گهر ڀاتين جا سمورا تفصيل صحيح لکيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو قومي فرض آهي ۽ آدمشماري ۾ رجسٽر ٿيل ماڻهن جي تفصيل ۽ انهن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت جي بنياد تي آبادي کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ حڪومت مدد ڪندي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ارڙهين ”مائي ڪراچي: اوسيس آف هارموني“ عالمي نمائش افتتاحي تقريب کي بطور مهمان خاص خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ٿيو جنهن ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا جنهن ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، آپريشن ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ رينجرز حصو ورتو. هن چيو ته ملڪ جي چئن صوبن ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، سڄي ملڪ ۾ گهمڻ کانپوءِ دهشتگرد ڪراچي پهچي ويا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن ۽ وڙهندا رهندا. هن چيو ته ڪي پي او تي حملي کانپوءِ چيو ويو ته پي ايس ايل جون ميچون نه ڪرايون وڃن، پر مون چيو هو ته ميچون ٿينديون ۽ دهشتگردن کي شڪست به ڏينداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ اڳ ڪو ايونٽ نه ٿيندو هو پر هاڻي صورتحال تمام بهتر آهي جنهن جو ثبوت 2 مهينن ۾ آئيڊياز، نيوي ايگزيبيشن، پي ايس ايل ۽ هاڻي مائي ڪراچي ايونٽس منعقد ڪرڻ آهي. سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ جاري آدمشماري جي حوالي سان چيو ته سنڌ جي آبادي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، آدمشماري جي طريقي ۾ ڏکائيون آهن. هن چيو ته سنڌ پوليس هن وقت پوليو مهم ۽ مردم شماري جي سيڪيورٽي ۾ مصروف آهي.
