سنڌ ۾ آبپاشي ۽ نيڪاسي جي نظام ۾ بهتري آندي وڃي:ماحولياتي ماهر

ڄامشورو(پ ر) مهراڻ يونيورسٽي جي پاڻي جي اعليٰ تحقيقي مرڪز(US-PCAS-W) ۽ چائنا جي زنجيانگ انسٽيٽيوٽ آف ايڪالاجي اينڊ جياگرافي، چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز(Xinjiang (Institute of ecology and Geography, Chinese Academy of Sciences) پاران مهراڻ يونيورسٽي ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدلجندڙ صورتحال ۽ ٻوڏ جي انتظامن (Integrated Flood Management Under Changing Climate Scenario)  جي عنوان سان ڪرايل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي. ڪانفرنس ۾ پاڻي، ماحوليات ۽ آبپاشي جي ماهرن ۽ محققن پنهنجي تجويزن ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ آبپاشي ۽ نيڪاسي جي نظام ۾ بهتري آندي وڃي، ڪچي جي علائقي ۾ درياهه تان زمينداري بند ختم ڪيا وڃن ۽ ڪچي ۾ ٻيلا بحال ڪيا وڃن، ماهرن ۽ محققن پنهنجي تجويزن ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه جي تحفظ وارن بندن سميت ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي وارين رٿائن کي سڌاريو وڃي، انهن جي مرمت جو ڪم وقت تي ڪيو وڃي. ماهرن ۽ محققن اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ گرمي پد وڌندو، برساتن جو اندازو لڳائڻ وارو نظام بهتر ناهي، ان جو ماڊل گلوبل ماحولياتي تبديلين ۽ مقامي ماحولياتي تبديلين جو اندازو نٿو ڪري سگهي. ماهرن اهو به خطرو ظاهر ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ٻوڏون وڌيڪ اينديون جن، جي لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي. ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي چکي واري علائقي ۾ مون سون جي برساتن دوران پاڻي جي نيڪالي جي مسلسل مانيٽرنگ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي تجويزن ۾ ماهرن چيو آهي ته پاڻي جي ذخيرن جو انتظام ڪيو وڃي، ٻوڏ کان بچاءُ وارا بند ڏنا وڃن، پاڻي جي نيڪاسي واري نظام کي سڌاريو وڃي. ماهرن چيو آهي ته ڍورن ۽ ڍنڍن تان قبضا ختم ڪري انهن کي بحال ڪيو وڃي، ٻوڏ جي اڳواٽ اطلاع ۽ اڳڪٿي وارو نظام جديد دور جي گهرجن موجب ٺاهيو وڃي. ماهرن تجويز ڪندي چيو آهي ته ايمرجنسي صورتحال ۽ ٻوڏ کانپوءِ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر نظام جوڙيو وڃي. جڏهن ته اختتامي تقريب کي آن لائن خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر نثار احمد ميمڻ چيو ته، اسان جي ملڪ ۾ هڪڙي پيج تي گڏ ٿيڻ جي ڳالهه اڪثر ٻڌڻ ۾ اچي ٿي پر ڪنهن هڪ نقطي تي گڏجڻ واري ڳالهه نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان جي ملڪ کي ڪهڙي رستي تي هلائجي اڃان تائين اهو گس تلاشيو پيو ڃي. هن چيو ته سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کي هن ڪانفرنس ۾ ضرور شريڪ ٿيڻ گهرجي ها، هو محققن، ماهرن ۽ نوجوان شاگردن کي ٻڌائي ها ته انهن ڇا ڇا ڪيو آهي. هن چيو ته 2010  واري ٻوڏ دوران به اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل تباهي ڏسي ان کي انساني تاريخ جو وڏو الميو ۽ نقصان سڏيو هو ۽ 2022 جي ٻوڏ ڏسي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تباهي اڳ ناهي ڏٺي. نثار احمد ميمڻ چيو ته جيڪي گلوبل تبديليون اچن پيون، ناسا ڇا پيو چوي اسان کي اهو سمجهڻو آهي. هن چيو ته ٻوڏن ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري ماڻهو جن تڪليفن مان گذرن ٿا انهن جي تڪليفن، المين ۽ ڏکن کي سمجهڻ گهرجي، انهن کي تڪليفن ۽ المين کان بچائڻ لاءِ انتظام ۽ تياري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي ساحلي پٽي کي سمجهڻ گهرجي، انساني غلطين جي ڪري، انسان جي فطرت سان هٿ چراند جي ڪري سوات کان وٺي سنڌ تائين ٻوڏ ۽ برسات تباهي آندي آهي. هن چيو ته ماڻهن کي ماحولياتي تبديلين، ٻوڏن ۽ برساتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرائمري کان سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري کان يونيورسٽي سطح تائين اها آگاهي مهم هلڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽن ايفز فلڊ، فوڊ ۽ فيوچر تي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ٽن سيز ڪميونيڪيشن، ڪولوبريشن ۽ ڪوآرڊنيشن (رابطه ڪاري، سهڪار ۽ معامله بندي) بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين ضلعي سطح تائين ٽن ايفز ۽ ٽن سيز تي ڪم نه ٿيندو، ڪو به ڪم ۽ رٿابندي ماڻهن کي فائدو پهچائي نه سگهندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائسنز جي ڊاڪٽر محمد ابوبڪر چيو ته هن ڪانفرنس ڪافي مونجهارن کي دور ڪيو آهي، هن چيو ته هن ڪانفرنس مان خبر پئي ته تباهي رڳو ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏ ناهي آندي پر تباهي خراب حڪمراني به آندي آهي، هن چيو ٻوڏ جي قسمن کان وٺي سنڌو درياهه ۽ آبپاشي جي نظام کي سمجهڻ لاءِ هي ڪانفرنس ڪارائتي ثابت ٿي آهي. هن چيو ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تجويزن تي حڪومت ۽ انتظاميا کي ضرور غور ويچار ڪرڻ گهرجي. ڪانفرنس جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر چيو ته واٽر سينٽر طرفان هر سال اهڙي ڪانفرنس ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مسئلن جي نشاندهي ٿئي ۽ انهن جا حل تجويز ڪيا وڃن. ان موقعي تي ڪانفرس جي اختتامي تقريب کي مهراڻ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ڪامران انصاري ۽ ڊاڪٽر غلام حسين درس پڻ خطاب ڪيو. ياد رهي ته ڪانفرنس جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪينجهر ڍنڍ جو مطالعاتي دورو پڻ ڪرايو ويو. ڪانفرنس جي اختتامي تقريب ۾ وفاقي رٿابندي کاتي، سنڌ آبپاشي کاتي، سيڊا، هينڊس سميت سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي سربراهن، نمائندن ۽ وفدن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں