سنڌ ۾ گھر ۽ آدم شماري ڇو ضروري آھي

مجيد نواز مغل
سنڌ ۾ پھرين مارچ کان گھر ۽ آدم ڳڻپ شروع آھي. ان بابت سنڌ جي اصلوڪي باشندن کي جيڪي خدشا آھن. اھي ھاڻي وڌيڪ نروار ٿي سامھون اچن رھيا آھن. ڊچيٽل طريقي سان بغير سڃاڻپ ڪارڊ کي اھا مردم شماري ڪئي پئي وڃي. جيڪا شفاف طور تي ٿيڻ نھايت ڏکيو آھي ڇاڪاڻ ته 2022ع دوران خطرناڪ ٻوڏ ۽ برسات سبب 2 کان اڍائي ڪروڙ سنڌ واسي پنھنجي اجھن جي برباد ۽ تباھ ٿي وڃڻ ڪري دربدر آھن. ڪي ڪٿي پري شھرن يا ٻھراڙين ۾ مائٽن وٽ ڪي ھاء ويز جي ٻنھي پاسن تي موجود ڳوٺن ۾ کليل آسمان ھيٺ پنھنجن اباڻي اجھن کان ڪافي پري مجبوريء ۾ رھائش اختيار ويٺا آھن. ٻوڏ سٽيلن وٽ کائڻ لاءِ ناھي. اھي پنھنجون حياتيون سخت مشڪل ۾ گذارين پيا. ڪرپٽ ڪامورن ڪرپٽ وزيرن اسيمبلي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن ٻوڏ جون امداي رقمون وڏي آساني سان ھضم ڪري ورتيون آھن. سنڌ جي اصلوڪي آبادي ڳڻپ کان رھجي وڃي ان پويان اھي عنصر آھن جيڪي تر تڪڙ ۾ پنھنجي مرضي چا نتيجا آڻن خاطر پنج سالن ۾ ئي مردم شماري ۽ گھر شماري ڪرائڻ لاءِ موجوده سرڪار متان دٻاءُ وڌو اٿن. اھي اصل ۾ سنڌ جي شھري ۽ ٻھراڙي جي آبادين کي ڏار ڏار ظاھر ڪرائڻ لاءِ ڪافي سالن کان ڪوششن ۾ مصروف رھيا آھن ۽ سنڌ جي وحدت خلاف يا سنڌ جي ورڇ بابت کلي ريت مطالبا ڪندا رھيا آھن. گھر ڳڻپ ڪندڙ عملي جو چوڻ آھي ته ھڪ ڪچن جي بنياد تي ھڪ ڪٽنب ڳڻيو ويندو پوءِ ڪٿي ھڪ گھر ۾ ڪافي ڪٽنب رھندڙ ھجن ر ڪچن ھڪ ھوندو ته ڪٽنب به ھڪ ئي ڳڻپ ۾ ايندو. سنڌ جون سمورين ترقي پسند ڌرين ڪوڪون ۽ رڙيون ڪن پيون ته وقت کان ڪافي اڳ ۾ گھر ۽ مردم شماري ڪرائڻ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجھيل سازش آھي جنھن جي مڪمل مزاحمت ڪبي پر ان باوجود سنڌي ماڻھن کي انھيء مردم ۽ گھر شماري ۾ پوري ريت حصو وٺڻ جي صلاحون ڏنيون پيون وڃن. سنڌ جو ھر ڏاھو سياست دان اديب ۽ ساڃان وند ان ٿيندڙ مردم ۽ گھر شماري ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جون ھدايتون ٿي رھيون آھن. ھاڻي انھي مسئلي بابت جيڪي خدشا سنڌي ماڻھن (مقامي آبادي) ڍکي آھن. انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريون سرڪار اعلانيل آدم ۽ گھر شماري کي ملتوي ڪري ۽ جي نٿي ڪري ته ان صورت ۾ سنڌ جي اصلوڪي ڀاشندن دانشورن ۽ ساڃان وندن کي کپي ته اھي انھي ڳالھ جو چڳي ريت پرچار ڪن ته آيل آدم شماريء ۾ پنھنجي ڪٽنب جي ڳڻپ کي يقيني بنائن ۽ پنھنجي پاڙي ۾ رھندڙ ماڻھن جي انھي سلسلي ۾ ڀرپور مدد ڪن ۽ وڌ ۾ وڌ اھا ڪوشش ڪن ته ڳڻپ کان ڪو به نه رھي. اھو اسان جو قومي فريضو پڻ آھي. ان لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سربراھن کي پنھنجو جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ان ڪم لاء مقرر اسٽاف کي ڪافي ڳالھين جي پاڻ خبر ناھي. اھو سکيا جي کوٽ سبب آھي. جيڪڏھن اڳواٺ سکيا جو عمل پورو ڪرايو وڃي ھا ته وڌيڪ آسانيون پيدا ٿين ھا. گھٽ سکيا وارو عملو پوءِ جڳاڙي ڪم ۾ رڌل ڏسجي پيو. مردم يا گھر شماري رڳو خانا پوري وارو ڪم ناھي بلڪي اھو نھايت حساس مسئلو آھي لسانيت جا ۽ قوميت جا سمورا مسئلا ان سان پيدا ٿيندا رھيا آھن. سرڪار انھيء اڻ پوري تيارين سان آدم ۽ گھر شماري جن جي فرمائش تي شروع ڪئي آھي. اھي سنڌ جي حقيقي وارثن چي خلاف سازشن ۾ رڌل رھيا آھن ته جئين ڳڻپ ۾ به اصلوڪا باشندا ڳڻپ کان رھجيو وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں