شاعر ۽ اديب معاشري جي ترجماني  ڪندڙ ھجن ٿا: اديب

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي گڏجاڻي  آرٽ ڪائونسل  جي گل رنگ ھال جي آڳر ۾ ليکڪ نصير سومرو  جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ اديبن ليکڪن ۽ شاعرن نيون نڪور تخليقون پيش ڪيون. جن ۾ اظھر ٻانڀڻ غزل، وحيد محسن غزل، سليم انور عباسي مضمون،  واحد ڪانڌڙو غزل، امين جويو ڪتاب  تي تبصرو  پيش ڪيو. حاضر دوستن واحد سومرو، صاحب خان ڀنڊ، مظفر ميمڻ، سارنگ منير سومرو، نثار ناز رڪ، سارنگ جويو، اسلم کٽياڻ، بشير شاھ ۽ ٻين تنقيدي رايا پيش ڪيا. ھنن چيو ته  شاعر ۽ اديب معاشري جي ترجماني  ڪندڙھجن ٿا جن جي تخليقن ۾ پنهنجي وطن جي عڪاسي ۽ ماروئڙن جي اھنجن کي شاعري جي روپ ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں