عمران خان تي ٻيهر قاتلاڻو حملو ڪرايو ويندو: بابر اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دليل ڏنا آهن ته اسان وٽ تازا اطلاع ۽ پڪيون شاهديون آهن ته عمران خان کي مارڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ پرڏيهي ايجنسي ڪنهن پيشي تي عمران خان کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دليل ڏيندي بابر اعواڻ چيو ته منهنجي پريس ڪانفرنس تي ڪجهه ماڻهن ٽوڪون ڪيون، عمران خان به ٻيهر ورجايو ته مٿس حملو ٿيندو، وزيرآباد ۾ حملو ٿيو، حڪومت ٻه موقف اختيار ڪيا ته عمران خان تي ڪو حملو نه ٿيو ۽ عمران خان تي هڪ مذهبي جنوني حملو ڪيو. سندس موجب اسان وٽ تازا اطلاع ۽ پڪيون شاهديون موجود آهن ته عمران خان کي مارڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مٿس هڪ ٻئي قاتلاڻي حملي جي تياري ٿي رهي آهي، عمران خان جي سيڪيورٽي جي اعتبار سان اڪيلو ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪامپليڪس اندر سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪنهن هٽايو، پرڏيهي ايجنسي عمران خان کي مارڻ چاهي ٿي، اطلاع آهن ته ڪنهن پيشي تي عمران خان کي قتل ڪرايو ويندو. هن چيو عمران خان تي حملو ڪندڙ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي اجازت ملي سگهي ٿي ته عمران خان کي ڇو نه؟ شهباز شريف ۽ حڪومت لکي ڏئي ته عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته اهي ذميوار هوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں