لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لڳي ٿو آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، مان ڪرپٽ ناهيان، آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس ڪڍي، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۾ گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، پر جيڪڏهن ڪو مون سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ته مان ڇا ڪريان. منهنجي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ويڙهه ناهي، جيڪڏهن ڪير اهو ٿو سمجهي ته گوڏا کوڙي ڇڏيندس ته ائين نٿو ٿي سگهي، هاڻ ڪو ڳالهائڻ لاءِ ئي تيار ناهي ته مان ڇا ڪيان، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو چئلينج ٿو ڪيان ته مون تي ۽ گهرواري تي ڪرپشن جو هڪ به ڪيس ثابت ڪيو، آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس ڪڍي، لڳي ٿو ته آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ئي ناهي ته سياست ڇا ٿيندي آهي. سندس موجب وڏو زور لڳايو ويو ته پرويز الاهي منهنجو ساٿ ڇڏي ڏئي، هاڻ اسان کي پرويز الاهي سان وفاداري ڏيکارڻي آهي، مان ڪنهن سان بي وفائي نٿو ڪري سگهان. عمران خان چيو ته جنرل (ر) باجوا منهنجي چيلهه ۾ چاقو هنيو، اسان پي ڊي ايم جي امپائرن باوجود چونڊون کٽينداسين، سمنڊ پار پاڪستاني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن. هن چيو ته زور ڀريو ويو ته پرويز الاهي منهنجو ساٿ ڇڏي ڏئي، هاڻي اسان کي پرويز الاهي کي وفاداري ڏيکارڻي آهي، مان ڪنهن سان بيوفائي نٿو ڪري سگهان. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته زندگي کي خطري بابت منهنجو رڪارڊ ڪيل وڊيوز موجود آهن، اِهي وڊيوز پرڏيهه ۾ به موجود آهن. هن چيو ته هڪ ئي ڀيري عام چونڊون ٿي وڃن ته پئسن جي بچت ٿيندي، اسان پي ڊي ايم جي امپائرز جي باوجود اليڪشن کٽيون، اوور سيز پاڪستاني تحريڪ انصاف سان گڏ آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين مخصوص سيٽن تي آيل عورتون به وڏ وزارت جون خواهشمند هونديون آهن، پنجاب جي وڏي وزير جو هاڻ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ته قتل عام ٿي ويندو. هن چيو ته مون اسلام آباد جهاز ذريعي نه وڃڻ جو فيصلو رات 12هين وڳي ڪيو، خبر آئي هئي ته مونکي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري بلوچستان منتقل ڪيو ويندو، جن کي منهنجي حفاظت ڪرڻي هئي، مونکي اُنهن مان ئي خطرو آهي، جيل ۾ بند ڪرڻ سان ووٽ بينڪ ۾ اضافو ٿيندو آهي. عمران خان چيو ته سعودي ولي عهد وزير اعظم محمد بن سلمان هاڻ به مون سان رابطي ۾ آهي، فوج جو مضبوط هُجڻ لازمي آهي.
