ڏوهارين سان مقابلي ۾ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي:ايس ايس پي شهيد بينظير آباد

نوابشاهه(ڊ ر) ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن دولپتور ٿاڻي جي ايس ايڇ او پنهنجي ٽيم سان گڏ گشت دوران سيٺر لنڪ روڊ شاهپور جهانيان وٽ ڦورن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڦورو پنجاب واسي غلام عباس عرف قاسم ولد شير محمد ڀٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته ان سان گڏ چيچا وطني ساهيوال جو رهواسي ڏوهاري سهيل احمد ولد محمد فاروق قياني گرفتار جڏهن ته ڏوهاري جميل ظفر، اقبال ۽ عادل فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويا ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڦورن ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ ڦُرن جون وارداتون ڪندا هئا جڏهن ته گذريل ڏينهن ڪراچي مان ڦُر ڪري راول پنڊي وڃي رهيا هئا ته دولتپور پوليس ڦورن جو پيڇو ڪيو ۽ مقابلو ڪري انهن کي گرفتار ڪيو جنهن ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان هڪ ٽوئيٽا ڪار، 76 لک روپيا روڪ رقم، هٿيار، 10 جعلي نمبر پليٽون، 7 چاٻيون ۽ پيڪٽ دستانن جو برآمد ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں