گهوٽڪي(ڊ ر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ بعد اسلام آباد کان گهوٽڪي پهتو جيتي ھن مسلم ليگ (ن) سنڌ جي نائب صدر چوڌري حبيب الله آرائين سان سندس ڀاڀي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ فاتحه خواني ڪئي بعد ۾ سيد شاهه محمد شاهه سکر ڊويزن جي نائب صدر صابر علي راجپوت سان سندس ڀاڻيجي جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سنڌ خادم حسين شيخ، ضلعي گهوٽڪي جو صدر حافظ محمد صادق سميجو، سکر ضلعي صدر خورشيد احمد ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
