اسلام آباد ( بيورو ) پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عام چونڊن جي تاريخ بابت ٽن وڏن جي اهم ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ٽنهي اتحادين جي ٻنهي صوبن ۾ چونڊن بابت مختلف راءِ جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چونڊن ۾ دير نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عام چونڊن جي تاريخ بابت ٽن وڏن جي اهم ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب، ملاقات ۾ ٽنهي اتحادين جي ٻنهي صوبن ۾ چونڊن بابت مختلف راءِ سامهون آئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چونڊن ۾ دير نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب، آصف علي زرداري چيو ته حڪومت چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ۽ مدد نه ڪندي ته سپريم ڪورٽ توهين عدالت ۾ گهرائيندي، مقرر تاريخ تي چونڊون نه ڪرائڻ بابت آئيني ۽ قانون سبب ڏيڻا پوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ نون ملڪي، معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ۾ دير جي حامي آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ عدليا جي تازن فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان کي مسلسل رليف ڏيڻ تي به سوال اٿاريا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۾ سڪيورٽي صورتحال تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال سمورن اسٽيڪ هولڊرن اڳيان رکڻ گهرجي. ذريعن موجب، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته چونڊن ۾ دير صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي اهم اتحادين ان معاملي تي وڌيڪ صلاح مشورن تي اتفاق ڪيو.
