ايس ايڇ او ڪنڊيارو ۽ سندس ساٿاري حراسان ڪري رهيا آهن:سنڌو نواز

نوشهروفيروز (ڊ ر) يوٿ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن سنڌو نواز گانگهرو، حمز علي چانڊيو ۽ ماهنور شيخ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر وڌندڙ بد امني ۽ منشيات جي وڪري خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ اسان جي پر امن احتجاج تي ڪنڊيارو جي ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ حملو ڪري مون سميت احتجاج ڪندڙ ساٿين تي بيگناھ تشدد ڪيو ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هنن چيو ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ هوندي آهي پر هتي ته پوليس مظلومن جي حقن لاء آواز اٿاريندڙ جو آواز دٻائي کين بنا جواز گرفتار ڪري حرانسان ڪري پئي هنن چيو ته سموري سنڌ جيان ضلعي نوشهروفيروز ۾ به بدامني عروج تي ۽ پوليس صرف ڪمداري ۾ مصروف آهي عوام ويچارو غير محفوظ بڻيل آهي پر سردار ايس ايس پي قيوم پتافي آفيس ۾ به سردار نظام قائم ڪيو ويٺو آهي جيڪو هن مهل تائين خاموشيء سان تماشو ڏسي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان ۽ اسان جي ساٿين مٿان تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ڇو ته ايس ايڇ او ۽ سندس ساٿاري اڃان تائين حراسان پيا ڪن جيڪڏهن ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڪنڊيارو کي جلد نه هٽيايو ويو ته ايس ايس پي جي آفيس جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں