تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن:ڄام عبدالڪريم

ملير(ڊ.ر) ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ صوبائي محمد وزير ساجد جوکيو گڏاپ جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪري تعليمي سرگرمين بابت معلومات ورتي، ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپل ڪرنل (ر) محمد رفيق گهوٽو ايم اين اي ۽ صوبائي وزير کي اسڪول بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته شاگردن ۾ اسڪول جا يونيفارم ورهايا ويا، ۽ اسڪول جي گارڊن ۾ ٻوٽا پوکيا ويا، ٻئي پاسي گڏاپ پبلڪ اسڪول ۾ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي پرنسپل ڪرنل (ر) محمد رفيق گهوٽو، ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو، پ پ اڳواڻن حاجي علي احمد جوکيو، حاجي منظور بلوچ سميت ٻين شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو چيو ته ملير جي ٻهراڙِين وارين علائقن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ملير جي ٻهراڙين وارن علائقن خاص طور گڏاپ ۾ تعليم بابت آگاهي مهم سان گڏ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو دورو ڪري شاگردن توڙي استادن کان مسئلن بابت معلومات حاصل ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن مسئلي جي حل لاءِ بهتر ڪوششون وٺجن، ان موقعي تي سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو خطاب ڪندي چيو ته ملير جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ رهندڙ غريب ڳوٺاڻن جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جيڪي ڪوششون ورتيون آهن اهي ساراهه جوڳيون آهن شروع ڏينهن کان وٺي اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته غريب ڳوٺاڻن جي ٻارڙن کي تعليم جهڙي زيور سان سنواريو وڃي ته جيئن هو پنهنجي بهتر مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں