سنڌ ۾ مهانگائي، بدامني ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ايس يو پي جو لانگ مارچ ڀٽ شاهه پهتو

ڀٽ شاهه(ن س) وڌندڙ مھانگائي، بدامني ۽ وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري خلاف سکر مان نڪتل ايس يو پي جو لانگ مارچ ڀٽ شاھ شهر ۾ داخل ٿي ويو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاه جي بيماري سبب روشن علي ٻرڙو ۽ ٻيا پيادل مارچ جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن. ڀٽ شاھ پهچڻ تي پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو ريلي ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي جڏهن ته جسقم پاران عابد شاهاڻي ۽ سيد ھاشم شاھ جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه داخلي روڊ تي پيادل مارچ جي آجيان ڪئي وئي، مختلف قومپرست پارٽين سميت سول سوسائٽي جا اڳواڻ ۽ شهري به پيادل مارچ ۾ شامل ٿي ويا ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور، جڳديش آهوجا، غلام مصطفي رند، سھيل قريشي،علي محمد کوسو، انور خان ٻرڙو، سردار اياز ميمڻ، شڪور ناز خاصخيلي ۽ ٻيا به لانگ مارچ ۾ شامل آهن پيادل مارچ رات ڀٽ شاھ ۾ پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي وٽ ترسڻ بعد صبح جو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيندو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن سنڌي قوم کي ماني ڳڀي لاء به پريشان ڪري ڇڏيو آھي مھانگائي سب بدامني وڌي ويئي آھي پر حڪمرانن کي ڪا پرواهه ناهي، ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ڀٽ شاھ پهتل پيادل مارچ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري ملڪ اندر مهانگائي ۽ سنڌ ۾ بدامني جي خاتمي ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں