سکر ۾ وڪيل برادريءَ جو مردم شماري خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر(بيورورپورٽ) سنڌ اندر شروع ٿيل مردم شماري خلاف سکر ضلعي بار جي احاطي ۾ وڪيل برادريء احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ انھيء مردم شماريء جو مڪمل بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي مظاھرين مردم شماريء ۾  اين آء سي چو شرط ختم ڪرڻ تي سرڪار خلاف زوردار نعري بازي ڪئي، ايڊوڪيٽ شفقت رحيم راجپوت ۽ ٻين چيو ته  اين آء سي جو شرط ختم ڪرڻ اصلوڪي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي ان مردم شماري جو مقصد پرڏيھن ۽ افغانين کي سنڌ جو شھري بنائڻ آھي، جيڪڏھن انهيءَ سازش واري مردم شماري کي نه  روڪيو ويو ته  وڪيل برادري احتجاج جو دائرو اڃان وسيع ڪري سحتجسجي تحريڪ شروع ڪري ڏيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں