لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مهانگائي، بدامني ۽ ڊجيٽيل آدمشماري خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ مھانگائي، بدامني ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، ولي محمد برھماڻي، حاجي منور ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر مھانگائي ۽ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، جڏهن ته مھانگائي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، جڏھن ته سنڌ ۾ ھينئر ڪڻڪ جو ميگا فصل لھي ويو آھي، پر اٽو اڃا تائين مھانگو آھي ۽ غريب مسڪين ماڻهن جي پھچ کان پري آھي، غريب مسڪين پورھيت روزي جي ڪن يا اٽي جي ڪن، ھن وقت مھانگائي سبب وڌ کان وڌ پريشان پورھيت طبقو آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ھينئر به سنڌ جا ڪافي اھڙا علائقا آهن، جيڪي نو گو ايريا بڻيل آهن، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آھي ۽ سنڌ حڪومت بيوس بڻيل آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري تي اسان ڪافي خدشا آهن، ھي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي عوام سان ٺڳي، دوکو، فراڊ آھي ۽ سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، ھن صورتحال جي ذميوار موجودہ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار آھي، سنڌ ھاري ڪاميٽي ڊجيٽل آدمشماري ۽ مھانگائي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بدامني تي ڪنٽرول ڪري ڊجيٽل آدمشماري رد ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں