نوابشاهه ۾ جساف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شاخ پاران 4 مارچ جو ڏهاڙو ملهايو ويو

نوابشاهه(ڊ ر) 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي حوالي سان جساف جسقم شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه پاران جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلھوڙو، ياور مھيسر، جساف ڊي او عبدالحنان عباسي، عاشق سنڌي، عرفان کوسو عرف باغي بالاچ، جسقم جي شعبان ماٽي، مسعود شاھ، طارق سمون، فرمان ملاح، سيد ناصر شاهه، ڪاشف لاکو، امير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي لانڍي ڪئمپس کان ھڪ پيادل مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جو گشت ڪندو نواب شاهه پريس ڪلب پھتو، پيادل مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اڄ کان 56 سال اڳ 4 مارچ 1967 تي حيدرآباد ۾ سنڌي شاگردن پنهنجي ريٽي رت سان پرچم بلند ڪري ون يونٽ جي ڪهري ڪوٽ کي ڪيرايو ھو، ھنن چيو ته سنڌي شاگردن پنهنجي لازوال جدوجهد زيعي اهيو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جا شاگرد تعليم سان گڏوگڏ ملڪ ۽ عوام جي مفاد جي حوالي سان جاڳيل آھن، ھنن چيو ته جساف ۽ جسقم جا شاگرد اڄ ان عزم کي ورجائين ٿا ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي جي لازوال جدجهد تي فخر ڪندڙ چئيرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ بلند ٿيل پرچم کي ڪنهن به صورت ۾ جهڪڻ نه ڏيندا، جساف جسقم جو هر عهديدار ۽ ڪارڪن اڄوڪي ڏينهن تي اهيو عزم ٿا ڪن ته سنڌ جي شاگرد سياست کي منزل تائين پهچائينداسين، ھنن مطالبو ڪيو ته شاگرد يونين جو جلد کان جلد چونڊون ڪرايون وڃن، تعليمي ادارن مان فورسز کي نيڪالي ڏني وڃي، جعلي ڊوميسائيلن تي ٻاھرين شاگردن جي داخلا رد ڪئي وڃي، تعليمي ادارن ۾ مارڪن جي بھاني شاگردياڻين کي حراسان ڪندڙن استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، تعليمي ادارن جي اندر صاف سٿري رھائش ۽ صاف سٿرو کاڌو فراھم ڪيو وڃي، غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ھر سطح تي مفت تعليم جي فراهمي جو بندوبست ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں