ڪراچي (بيورو رپورٽ) عوامي جمهوري پارٽي جي شاگرد ونگ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي طرفان 04 مارچ شاگرد جدوجهد جو ڏهاڙو ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي سالگره ٿر بوائز هاسٽل سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ملهائي وئي. سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ اي جي پي اڳواڻ نورنبي راهوجو، حريف چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، لعل محمد چانڊيو، قانوندان قادر بروهي، ايس ايس او جي مرڪزي اڳواڻ گلاب راءِ، مڪيش ڪمار، نظير جلباڻي، شاڪر رند ۽ ڪنور پرمار جن خطاب ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 04 مارچ جو واقعو سنڌ جي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهد جي جديد تاريخ جي اهم ۽ وڏن مان هڪ اهم واقعو آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، سنڌي شاگردن جي مهاڏواٽڪائيندي قوم ۾ اتساهه، محبت ۽ شعور جا ڄڻ ته درياهه اوتي ڇڏيا هئا، 04 مارچ سنڌ جي سياسي جدوجهد جو آغاز ۽ شاگردن جي جدوجهد ۽ جرئت جي اظهار جو ڏينهن آهي، جنهن سنڌي ماڻهن کي اجتماعي اتساهه بخشيو ۽ اڳتي هلي سنڌ ۾ منظم قومي پارٽين جنم ورتو. هن وقت به قومپرست سياست سان واڳيل اڪثر جماعتون، هن قوميءَ ڏهاڙي کي پابنديءَ سان ملهائينديون رهن ٿيون. هنن چيو ته سنڌ اندر تعليم تباه آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ معياري تعليم نه پئي ڏني وڃي، جديد سائنسي تعليم جو دور آهي جنهن ڪري نصاب کي بهتر ڪيو وڃي. سنڌ جون يونيورسٽيون معاشي بحران جو شڪار ٿي ويون آهن. هاسٽلن تي شاگردن کي معياري کاڌي سان گڏ سهولتون معيثر نه آهن جنهن ڪري شاگرد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن وقت به ڪراچي ۾ شاگردن لاءِ هاسٽل نه آهي جنهن ڪري غريب جو ٻار معاشي طور پريشان آهي. آخر ۾ اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي ۽ يونيورسٽين مان رينجرس کي نيڪالي ڏني وڃي.
