بولان (م ڊ) بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ نوَ اهلڪار شهيد جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، واقعي جي ٽن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سي ايم ايڇ سبي منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار سبي ۾ ڊيوٽي کانپوءِ ڪوئيٽا واپس اچي رهيا هئا. ايس ايس پي بولان محمود تونيزئي موجب موٽر سائيڪل سوار آپگهاتي بمبار ٽرڪ جي ويجهو اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، واقعي جا اطلاع ملندي پوليس ۽ امداد ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. هن چيو ته لاش ۽ زخمين کي سبي منتقل ڪيوويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب فوتگين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ سبي جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيو ويون آهن. هن چيو ته ڌماڪي کانپوءِ بم ڊسپوزل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي ۽ ڌماڪي کانپوءِ علائقي کي سرچ ڪيو پيو وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بولان واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين ذريعي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهن ٿا،اهڙين سازشن کي عوامي جي حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير صوبائي حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي ۽ چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.
