تلهار(ن س) تلھار ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ سموري پينل سميت تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندڙ اڳوڻي تعلقه ناظم مير عبدالقادر جمالي جي فرزند ۽ پ پ پ طرفان تلھار ٽائون جي چيئرمين جي اميدوار مير عبدالعزيز جمالي صحافين سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو آهي ته تلهار جي تاريخ ۾ موجوده بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته پ پ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ۽ اسان جي سموري پينل جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي قيادت ڏانهن وڃي ٿو هن وڌيڪ چيو ته اسان تلهار ٽائون ڪميٽي جي سموري عوام جا بي حد مشڪور آهيون جنهين اسان تي وڏو اعتماد ڪري ڪامياب ڪيو آهي هاڻ اسان جي ذميواري آهي ته اسان به تلهار ٽائون ڪميٽي جي سموري وارڊن جي عوام جي بنا ڪنهن رنگ و نسل خدمت ڪيون هن وڌيڪ چيو ته پارٽي قيادت ،اسان تلهار جي ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر ۽ پارٽي جي سمورن چونڊيل ميمبرن پاران مون تي اعتماد ڪري تلھار ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين جو اُميدوار ڪيو آهي جنهن تي پڻ آئون سمورن دوستن جو مشڪور آهيان انشاءالله تعالي منهنجي ڪوشش هوندي ته آئون به سندن اعتماد تي مڪمل لهان ۽ ساڻن گڏجي هتان جي عوام جي خدمت ڪيان هن وڌيڪ چيو ته تلهار جي عوام جي لاءِ اسان جا دروازا پهرين به کليل هئا اڃان به کليل رهندا منهنجي والد صاحب اڳوڻي تعلقي ناظم مرحوم مير عبدالقادر جمالي پڻ هڪ عوامي شخصيت هو سندس دور ۾ پڻ تعلقه تلھار ۾ تاريخي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا جنهن جي مثال اڄ به شهر واسي ڏين ٿا انشاءالله تعالي هڪ دفعو ٻيهر تلهار کي سر سبز شاداب بڻائينداسين ان موقعي تي پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر ، مير عرفان ٽالپر ۽ چونڊيل ڪائونسلر ۽ عبدالخالق جمالي پڻ موجود هئا
