سنڌ اسيمبلي تڪراري ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي تڪراري ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هن آدمشماري تي خدشا آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ سبب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ٻوڏ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ ڊهي پيا آهن، انهن علائقن ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري ممڪن نه آهي تحريڪ انصاف پاران عمران خان جي تقريرن ۽ بيانن تي پيمرا جي پابندي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ٺهراءُ پيش ڪيو ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز احتجاج ڪيو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي پاران پنهنجي قميص لاهڻ جي ڪوشش تي حڪومتي عورت ميمبرز سخت احتجاج ڪيو. شرميلا فاروقي چيو ته فردوس شميم ڪپڙا لاهي ايوان جي توهين ڪئي آهي، ڇا هو پنهنجي نياڻي ۽ ڀينرن جي سامهون ائين ڪپڙا لاهيندو آهي. امداد پتافي چيو ته هي ڪپڙا ته لاهين ٿا پر ڄنگهه تان پلاسٽر نه ٿا لاهين، جنهن وقت فرح گوگي ملڪ کي ڦري رهي هئي ان وقت فردوس شميم پنهنجي ٽوپي ۽ شيرواني لاهي ها، سنڌ جو عوام پ پ سان گڏ آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں