ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ٻئي ڏينهن به جاري رهي. ڪئمپ تي ايس ٽي پي وائيس چيئرمين انجنيئر گلزار سومرو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سومار مڱريو، مرڪزي خزانچي قادر چنا، حيات تنيو شاھنواز سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن سميت مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي ڪئمپ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين گلزار سومرو ڳالهائيندي چيو ته هن ڊجيٽل آدم شماري کي اسان کي سخت خدشا آهن. هن چيو ته هن آدم شماري جي ذريعي سنڌين کان سندن وطن جي حق حاڪميت کسڻ جي سازش رٿي وئي آهي، انڪري اسان جو مطالبو آهي ته هن سازشي آدم شماري کي فوري ملتوي ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي تحفظات ۽ خدشن کي نظر ۾ رکندي آدم شماري کي درست رخ ۾ ڪرڻ جي لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي. ايس ٽي پي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو پريس ڪلب جي اڳيان هي احتجاج 20 مارچ تائين جاري رهندو.
