مردم شماري تي سنڌ کي اعتراض آهي، اسان اقتدار ۾ اچي ملڪ کي بچايو:آصف زرداري

وهاڙي (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته يوٽرن وٺڻ عمران خان جي فطرت آهي، ڪنهن معاملي تي عمران خان کي گرفتار ڪرائڻ گهرو وزير جو اختيار آهي، مردم شماري تي سنڌ کي اعتراض آهي. وهاڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ضلعي وهاڙي جو پهريون دورو آهي، ذاتي لاڳاپا اڳ کان آهن، سياسي لاڳاپن ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، اسان کي حالتن جي خبر هئي ته معيشت ڪيئن آهي پر ملڪ کي بچائڻو هو، عمران خان سڀئي ادارا کپائڻ چاهيا، اسان اقتدار ۾ اچي ملڪ بچايوسين. هن چيو ته سياسي جماعتن ۽ سياستدانن سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، عمران خان غير سياسي شخص آهي، ان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، سياست ۾ محنت ڪرڻي پوندي آهي، عمران خان محنت جو عادي ناهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان عدالتن کي منهن ڏيڻ کان ڊڄي ٿو، سياستدان نه عدالتن کان ڊڄڻو آهي ۽ نه جيلن کان، يوٽرن وٺڻ عمران خان جي فطرت آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرو وزير جو اختيار آهي، جڏهن ته مردم شماري بابت هن چيو ته سنڌ کي اعتراض آهي.ان کان اڳ هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري چيو ته صبح کان زمان پارڪ ۾ ڊرامو لڳل آهي، پوليس وارا بستري جي هيٺيان ڏسن ته عمران خان ملي وڃي ها. هن چيو ته عمران خان کي سياستدان نٿو سمجهان، هن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، پارليامينٽ سڀني کان سپريم آهي، نوازشريف جو لنڊن ۾ رهڻ هن جو پنهنجو سياسي فيصلو آهي، مانگي تانگي سان ملڪ نٿو هلي سگهي، مون اڄ تائين پگهار ناهي ورتي، منهنجوپٽ به پگهار نٿو وٺي، عمران خان ڀٽو صاحب، بي بي شهيد کان وڌيڪ ته مقبول ناهي. هن جي مقبوليت غربت جي ڪري آهي، منهنجي ڪا آڊيو ٻاهر ناهي آئي. هن چيو ته مون 14 سال قيد ڪاٽي، ڄام صادق آڇ ڪئي هئي ته جيل کان گاڏي تي ائيرپورٽ ڇڏي اچان، مون آڇ رد ڪري ڇڏي، ڪنهن جي فون تي پرويز الاهي پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي ڇڏي، مفتاح اسماعيل کي هٽائڻ ن ليگ جو پنهنجو فيصلو هو، وزيراعظم سان ملاقات ۾ اليڪشن تي ڳالهيون نه ٿيون، سيڪيورٽي تي ڳالهيون ٿيون. اڳوڻي صدر چيو ته  ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏئي ٿي، پنجاب اين ايف سي، 18هين ترميم مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ورتو آهي، اسان جو مقصد وفاق کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته نوازشريف جي واپسي هن جو ذاتي مسئلو آهي، پنجاب ۾ پ پ جي واپسي لاءِ ٽائمنگ اهم آهي، هن چيو ته نيب ۽ ڪاروبار گڏ نٿا هلي سگهن، هر ڪامورو صحيح ڪرڻ کان اڳ ڊڄي ٿو. سندس چوڻ هوته  جنرل(ر) باجوا مس گائيڊڊ هو، عمران خان جا سيڪيورٽي خدشا جائز ناهن، اليڪشن ٿي ته اسان ضرور حصو وٺنداسين پر صورتحال خطرناڪ آهي، اليڪشن ڪميشن آزاد آهي جيڪو به ڪندي ان تي سڀئي لبيڪ چونداسين، سڀني کي ملڪي معيشت جي حوالي سان هڪ پيج تي هئڻ گهرجي، شهبازشريف کي وزيراعظم بڻائي ڇڏيو، هو جيڪو چوندو آهي مان مڃيندو آهيان، ميان صاحب سان گڏ بيٺا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں