ڪراچي (بيورو رپورٽ) نٽي وي ڊارامن ۽ فلمن جو ناليوارو اداڪار قوي خان لاڏاڻو ڪري ويو. ٽي وي ڊرامن ۽ فلم جو ناليوارو اداڪار قوي خان ڪينسر سبب ڪيناڊا ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ آرٽس ڪائونسل صدر احمد شاهه پاران قوي خان جي وفات جي تصديق ڪئي وئي. هن چيو ته قوي خان ڪيناڊا ۾ علاج هيٺ هو. قوي خان انڌيرا اجالا ذريعي شهرت ماڻي، هن ان کان سواءِ به دن، لمبي هاٿ ۽ ٻين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. هن فلمن ۾ به ڪم ڪيو. سندس لاڏاڻي تي شوبز جي دنيا ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي.
