ڪراچي (پ ر) پهرين آن گرائونڊ بزنس نيٽ ورڪنگ ميٽنگ تي مثبت موٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ زپي رائٽرز پاران ڪاروبار جي شعبن ۾ اُڀرندڙ ۽ فري لانسر عورتن لاءِ مقامي ھوٽل ۾ هڪ ٽريننگ اجلاس ڪوٺايو ويو ته جيئن کين سندن ڪاروبار لاءِ آن لائن موجودگي ۽ اُن کي برقرار رکڻ بابت سکيا ڏئي سگھجي. زِپي رائٽرز سکيا جو هڪ آن لائن پليٽ فارم ۽ رجسٽرڊ ادارو آهي، جنهن جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ آهي . ھيءُ ادارو مسلسل ڪوششون ڪندي عورتن کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم ۽ بااختيار بڻائڻ لاء قدم کڻي رھيو آھي. هن ڊجيٽل دور ۾، جتي سوشل ميڊيا هر فرد جي زندگي جو هڪ لازمي حصو بڻجي چڪو آهي، ان کي مناسب نموني ڄاڻڻ ۽ استعمال ڪرڻ ڪاروباري مالڪن لاء ضروري آهي ته جيئن انهن جي ڪاروبار جي تيز رفتار ترقي ٿي سگھي. ڪاروباري مالڪن لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، پرھ اعجاز ، باني/سي اي او،”ڪاروبار لاءِ آن لائن موجودگي ڪيئن ٺاهجي“ جو موضوع چونڊيو ھو ته جيئن اڀرندڙ ڪاروباري ۽ فري لانس عورتن کي تعليم ڏني وڃي، جن کي انھن شعبن ۾ اڪثر ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي. پرھ اعجاز چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عورتن کي هڪ بھتر سکيا وارو پليٽ فارم فراهم ڪيو وڃي جتي اهي گڏجي سکن ۽ ترقي ڪري سگهن. اسان انهن کي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته جيئن اهي امڪاني گراهڪ ڳولڻ جي قابل ٿين، ھن وڌيڪ چيو تہ زِپي رائٽرز کي اعزاز حاصل آهي تہ ھن ڀيري ناميارا ادارا مددگار ۽ ڀائيوار آھن جن ۾ دي سٽيزن فائونڊيشن، دستڪ ٽيچر ٽريننگ، سنڌ پريس فائونڊيشن، نورتن هربلز، شي ٽيڪ اسپيس، فٽنس اسٽوڊيو پي ڪي، فوري فڪس، ڊريمز بائي ثروت ۽ ڊي. ايلما شامل آھن. پرھ اعجاز وڌيڪ چيو ته ٽريننگ سيشن سڀني عورتن انٽرپرينئرز ۽ فري لانسرز لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، جنهن سان کين وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿيندي ته سوشل ميڊيا کي ڪاروبار لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي. اسان عورتن کي هر ممڪن طريقي سان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ تعليم ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجي لاءِ ڪم جا موقعا پيدا ڪري سگهن”، هن چيو. اجلاس ۾ ويھ عورتن حصو ورتو جن ۾ مشهور تنظيمن جا سي اي اوز ۽ نمائندا به شامل هئا جن موضوع جي حوالي سان پنهنجي ڄاڻ کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ گرمجوشي ڏيکاري. سيشن ۾ دي سٽيزن فائونڊيشن- دستڪ جي نمائندي سيده فوزيه حيدر پڻ شرڪت ڪئي ۽ دستڪ آن لائين ٽيچر ٽريننگ پروگرام بابت ڳالهايو. ڪاروباري مالڪن لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ جي اهميت تي غور ڪندي، پرھ اعجاز پريزينٽيشن ڏني جڏھن تہ ٻين ڪيترن ئي ڳالھين تي هن سيشن ۾ بحث ڪيو ويو، جهڙوڪ سوشل ميڊيا تي موجودگي ٺاھڻ ۽ برقرار رکڻ، بهترين سوشل ميڊيا پليٽ فارم چونڊڻ، مواد جي حڪمت عملي، سوشل ميڊيا پروفائل ۽ پيج سُڌارڻ، برانڊنگ، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ، جن بابت واقف ٿيڻ جي ضرورت آهي. تربيتي سيشن دلچسپ هو ۽ شرڪت ڪندڙن سوال پڇيا، ۽ سکيا ڏانهن جوش ڏيکاريو. سيشن جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
