ڪنري: بي آءِ ايس پي جي سروي سينٽر تي عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي: شاهده پروين

ڪنري (ن س) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مستحق عورتن جي نئين ڊائنامڪ سروي لاءِ ڪنري ۾ قائم ڪيل سروي سينٽر تي عورتن جي تذليل جاري آھي. مستحق عورتن شاھده پروين، سائرا، مومل ٻائي، ڄمڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سروي سينٽر تي عورتن جي سري عام تذليل ڪئي پئي وڃي، سينٽر تي ٽوڪن سسٽم لاڳو ھجڻ سبب سوين عورتون روزانو سروي لاء سينٽر تي پهچڻ بعد کين جي سروي نه پئي ڪئي وڃي، سروي سينٽر تي مقرر عملو عورتن سان بداخلاقي طور پيش اچي ٿو ھنن چيو ته من پسند ۽ بااثر وڏيرن جي سفارش تي ٽوڪن جاري ڪيا پيا وڃن روزانو صبح فجر ويل اچون ٿا پر بغير سروي جي واپس ٿو ڪيو وڃي، سمورو ڏينهن انتظار ڪرائڻ بعد بنا سروي جي واپس ڪيو پيو وڃي، پئسن جي سروي ڪئي پئي وڃي. انتظاميا جو چوڻ آھي ته عورتن جي سروي لاء قائم ڪيل سينٽر تي صرف 2 مشين رکيون ويون آھن جنهن سبب مستحق عورتن جو تعداد گهڻو هجڻ ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي پئي، ٻئي پاسي سروي لاء عورتن وٽ ٻارڙن جو به فارم لازمي قرار ڏنو ويو آھي. بي فارم کان سوا سروي نہ ٿيڻ جي شرط سبب عورتون سخت پريشان آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں