آدمشماري خلاف ايس ٽي پي جي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ، مختلف اڳواڻ شريڪ

ڪراچي (بيورو) سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري خلاف ترقي پسند پارٽي طرفان 4 مارچ کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان شروع ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي پارٽي وائيس چيئرمينانجنيئر گلزار احمد سومرو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سومار منڱريو، خير محمد مگسي، حيات تنيو ۽ عاشق ٿهيم ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن جي ووٽ سان لڳاتار پندرهن سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آھي. پر، بدقسمتيءَ سان پيپلزپارٽي سنڌ جي مجموعي قومي مفادن ۽ سنڌ جي قومي وجود جي بقا وارن مسئلن تي سدائين موقعي پرستي ۽ سنڌ دشمنيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آھي. هنن چيو ته هن وقت جڏھن تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو درپدر آھن ۽ لکين گهر ڊھي چڪا آھن، سنڌ ۾ هر ائي ڏينهن بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي ڌارين جو لوڌون سنڌ ڏانهن اچي رهيون آھن. اهڙي حالت ۾ پي ڊي ايم جي وفاقي سرڪار آدمشماري ڪرائي سنڌين جي وجود خلاف سازشون ڪري رهي آھي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي خود پي ڊي ايم سرڪار جي اهم اتحادي هجڻ باوجود صرف زباني بيان بازي ڪرڻ ۽ اڌوري قرارداد پاس ڪرائي پاڻ کي وڏي سنڌ دوست پارٽي ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آھي. هنن چيو ته جيڪڏھن پ پ پ سرڪار سنڌ ۽ سنڌواسين سان واقعي سچي ۽ سنجيده آھي ته هو اهڙي بوگس ۽ سنڌ دشمن ملتوي ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هنن چيو ته اسان جي هي احتجاجي ڪئمپ 20 مارچ تائين جاري رهندي ۽ 20 مارچ تي ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي جو اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو ويندو. هنن چيو ته آدمشماري ملتوي ڪرائڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. اڄوڪي احتجاج ۾ ايس ٽي پي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن شبير چانڊيو، نادر مگسي، محمد علي شيخ، علي بخش لاشاري، مبارڪ ڀٽي، نسيم غني چانڊيو، ماجد شيخ، ڊاڪٽر اڪبر رند، ڪامريڊ جواد سومرو، محمد نور جت، قادر مجيداڻو سميت سوين ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں