سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، اسين ان جا وارث آهيون، ڊجيٽل آدمشماري سازش آهي:اڳواڻ

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)ايس يو پي جو سکر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ حيدرآباد شھر ۾ پھچي ويو، ھٽڙي باءِ پاس کان شروع ڪيل مارچ شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندو حيدر چوڪ پھتو، جتي جلسو منعقد ڪيو ويو، مختلف ھنڌن تي مارچ جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو، ايس يو پي، فنڪشنل ليگ سميت مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتن جي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ ساڃاھھ وندن يڪجھتي طور مارچ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ روشن ٻرڙو چيو ته موجوده صورتحال ۾ پيرين پنڌ ڪري حيدرآباد پهتا آهيون، زرداري ليگ سنڌ کي معاشي ۽ سماجي طور تباهه ڪيو آهي، سنڌ جو عوام ھاڻ ھنن حڪمرانن کي چڱي طرح سمجھي چڪو آھي، حڪمرانن سنڌ کي ٻھ دفعا وڏي ٻوڏ ۾ ٻوڙيو آھي، سنڌ جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو دربدر آھن، غربت ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو ذهني مريض ٿي ويا آهن. ھن چيو تھ ملڪ ۾ جعلي چونڊون ڪرايون وينديون رھيون آھن ۽ ھاڻ بھ اھو ئي سوچيو پيو وڃي تھ جعلي چونڊون ڪرائي عوام جي حقيقي نمائندن کي ايوانن ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي، ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪيو ويو آھي، سڄي دنيا ۾ پنڻ وارا حڪمران آئي ايم ايف وٽ مقروض ٿي ويا آهن. ھن چي تھ سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيء ناهي، پ پ خلاف چونڊون وڙهندڙ اميدوارن خلاف ڪوڙا ڪيس ڪري دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن ٿا ته جيئن ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي. ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي وطن تي حق حڪمراني کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، ھي سنڌ جي ماڻھن سان وڏو فراڊ ۽ ڊرامو آھي، سنڌ کي ٽوڙڻ جي لاءِ نوان صوبا ٺاھڻ جي لاءِ ڪميٽيون ٺاھيون پيون وڃن، سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌ جا اختيار وفاق کي ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪري رھيا آھن، پيپلزپارٽي سنڌ کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي، پر کين ياد رکڻ گھرجي تھ سنڌ ھاڻ تبديل ٿئي پئي، ھن پيادل مارچ جو سڄي سنڌ ۾ شاندار استقبال ٿيو آهي، سنڌ جو هر ماڻهو سمجهي ٿو ته ھن مارچ جا پانڌيئڙا اسان جا مسيحا آهن، سائين جي ايم سيد اسان کي پيغام ڏئي ويو ھو ته جڏهن به سنڌ تي ڏکيو وقت اچي ته سنڌ جي قومي ڪارڪن لاءِ ننڊ حرام آهي، اسان جو قافلو 21 ڏينهن جو سفر طئه ڪري حڪمرانن کي للڪاريندي اڄ حيدر چوڪ تي پهتو آهي، اسان اهڙي ظلم ۽ جبر جي نظام کي نٿا مڃون، اسان کي صاف پاڻي، تعليم صحت، روزگار ۽ بنيادي سهولتون گهرجن، سنڌ جا ماڻهو سمجهي رهيا آهن ته اين آر او تحت آيل حڪمران سنڌ کي لٽي رهيا آهن، اسان جي ھي جنگ جاري رهندي، اسان سنڌ جي ماڻهن جي ڏنل محبت جا قرضي آهيون، سچ چوڻ ۽ ڳالهائڻ سٺي ڳالهه آهي، پر سچ تي بيهڻ وڏي ڳالهه آهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ امير آزاد پنهور اسان سکر کان لانگ مارچ جو پنڌ شروع ڪيو ۽ سڪرنڊ وٽ پھتاسين تھ سيد زين جي طبيعت سڪرنڊ ويجھو خراب ٿي وئي، جڏھن سيد زين شاھھ اسان کان الڳ ٿيو تھ اسان جون وکون ڳريون ٿي پيون، پر جڏھن پنڌ ھلندا وياسين ۽ ماڻھو جون محبتون ۽ جذبو ڏٺوسين تھ اھو محسوس ٿيو تھ سڄي سنڌ زين ٿي پئي آهي. ھن چيو ته حڪمران ھاڻ اھا ڳالهه سمجھي وٺن تھ سنڌ توهان کي جواب ڏيڻ ۽ انڪار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پيپلا سمجھن ٿا تھ اٽي جي ٿيلھي ۽ انڪم سپورٽ پروگرام تي ماڻھن کي ھلائينداسين، پر ھاڻ اھو وقت گذري ويو سنڌ جا ماڻھو توهان مان بيزار ٿي چڪا آھن. ھن چيو ته پيپلزپارٽي وارا سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن ڪري پئسا گڏ ڪندا آھن، پر اسان سنڌ جا عاشق گڏ ڪندا آھيون، حڪمرانن سڄي سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙايو آھي، اسان جي ڀائرن، معصوم ٻچن ۽ ڀينرن کي ٽينٽن ۾ رھائڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ اسان ڌرتي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ڌرتي جو تحفظ ڪندا. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي 18 ھين ترميم جو راڳ آلاپيندي آھي، پر اسان کي 18 ھين ترميم نھ پر سنڌ جي مڪمل خودمختياري ۽ حق حاڪميت جو حق گھرجي ٿو، سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، اسين سنڌ جا وارث آهيون، اسان ئي ان جي مالڪي ڪنداسين. ھن چيو تھ سنڌي سائين جي ايم سيد جي فڪر سان گڏ آهن، سنڌ اسان سان هر هنڌ گڏ بيٺي آهي. ھن چيو تھ اڄ اسان جي جاگرافي ۽ وسيلا ۽ محفوظ ناهن، سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ اسان جي نوجوانن کي رات جي پيٽ ۾ کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ آسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي، اسان سنڌ جي مالڪي ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون. ھن چيو تھ اسان پنهنجي ووٽ جو تحفظ ڪنداسين، ڇو تھ اھا بدقسمتي آھي تھ پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو ووٽ انھن جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر سنڌ جو ووٽ سنڌ جي خلاف استعمال ٿي رھيو آھي. پاڪستان مسلم فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو ته 15 فيبروري تي زين شاهه مهانگائي خلاف مارچ شروع ڪيو، جيڪو پنڌ هلندي بيمار ٿي پيو، ان جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. هن چيو ته ھن وقت مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، سنڌ جي عوام سان گذريل 15 سالن کان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو آهي، ان جي ذميوار زرداري ليگ آهي، سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران ٻوڏ متاثرن جا فنڊ کائي ويا آھن، سنڌ اڄ به ٻڏل آهي، ھاڻ حڪمرانن کي آدمشماري جو شوق ٿيو آهي، سنڌ جي ماڻهن لاءِ 2 ويلا ماني کائڻ مسئلو آهي. ھن چيو تھ وطن يا ڪفن، آزادي يا موت اسان ۽ اسان جي وڏن جو نعرو آهي، اسان هر ڏکئي دور جو مقابلو ڪيو آهي، سنڌ جي حقن لاءِ سينو اڳيان ڪري بيٺا آهيون، پير پاڳاري هيمشه حق ۽ سچ جي سياست ڪئي آهي، اسان کي يقين آھي تھ سرخرو ٿينداسين، سنڌ جي حقن جي سوديبازي نه ڪنداسين، اسان ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، وڙهنداسين ۽ مقابلو ڪنداسين، سنڌ اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، سنڌ جو عوام بيوقوف ناهي، عام ماڻهو پيسجي رهيو آهي، اسان کي ٻاھر نڪرڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ دور مڙسي ۽ همت جو آهي. ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو چيو ته گذريل 15 سالن کان پ پ سنڌ مٿان قابض آهي، هينئر پ پ زرداري ليگ آھي، جنهن سنڌ جي ماڻهن جو قتلام ڪيو آهي، هي قافلو سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ شروع ٿيو هو، پر اھو پنڌ ڪندي هن وقت اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل آهي. ھن چيو تھ ھنن بي حس حڪمرانن جي ڪري سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن جا چچريل لاش ڏنا ٿا وڃن، انهن جا پيرا بھ پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت طرف وڃن ٿا. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ھن مارچ جا پانڌيئڙا جيڪا تڪليف برداشت ڪري رھيا آھن اھا رائگان نه ويندي، ھي مارچ اڃا حيدرآباد مس پھتو آھي تھ سي سي آئي ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي صحيحيون ڪري ايندڙ مراد علي شاھه اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي رھيو آھي، پيپلزپارٽي وارن اھو اوچتو ئي رنگ ائين ناھي بدلايو، نھ ئي سنڌ جي ماڻھن جي ماڻھن جي عشق ۾ ھو پيپلزپارٽي آدمشماري تي خدشا ظاھر ڪري رھي آھي، اھا ڳالھھ ياد رکجو تھ جڏھن ھي مارچ ڪراچي پھچندو تھ پيپلزپارٽي وارا چوندا تھ اسان ھن ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيون ٿا. ھن چيو تھ ھن پيادل مارچ سنڌ ۾ سياسي سجاڳي، عوام جي راءِ سان گڏ همت پيدا ڪئي آهي، سنڌ هاڻي جاڳي پئي آهي، سنڌ ڪو بھ سنڌ دشمن فيصلو قبول نھ ڪندي. ھن چيو تھ ڀلي اسان جون پارٽيون ۽ جھنڊا الڳ ھجن، پر اسان سڀني جو نعرو سنڌ آھي. ھن اردو ڳالھائيندڙن سان مخاطب ٿيندي چيو تھ اسان جا اردو ڳالھائيندڙ ڀائر اھا ڳالھھ سمجھي وٺن تھ ھي افغاني رڳو سنڌي ڳالھائيندڙن جي لاءِ نقصانڪار ناھن، پر اھي اردو ڳالھائيندڙن جي لاءِ بھ نقصانڪار آھن، ان ڪري افغانين جي نيڪالي جي لاءِ اردو ڳالھائيندڙ بھ آواز اٿارين، ڪنھن سان ڪو جھيڙو ناھي، بس رڳو ڌارين جو معاشي بائيڪاٽ ڪيو وڃي تھ ھي پاڻ ئي ھتان ڀڄي ويندا، اسان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي گڏجي افغانين مان جان آجي ڪرائڻي پوندي. جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سيد زين شاهه سنڌ جو قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن آهي، جيڪو ائين اڳتي وڌيو آهي، سيد زين شاهه سنڌ جي سياسي سمنڊ ۾ جيڪو پٿر اڇلايو، ان جون لهرون سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رهيون آهن. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي وارا 15 سالن کان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺا آهن، وقت اچي ويو آهي تھ چورن ۽ لٽيرن کي سمنڊ جي حوالي ڪجي. ھن چيو تھ منھنجي گذارش آھي تھ سمورا قومپرست ھڪ اتحاد ۾ گڏ ٿين، ھي تحريڪ شروع ٿي آهي جيڪا جاري رهندي. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سردار عبدالرحيم چيو تھ ھن مارچ جو ڪراچي ۾ ڀرپور نموني سان استقبال ڪيو ويندو، ايس يو پي جي ڊي اي ۾ شامل ٿي چڪي آهي ۽ اسان جي خواهش هئي ته ايس يو پي اسان سان گڏ هجي، اسان جو نظريو متحد سنڌ ۽ مضبوط پاڪستان، اسان پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ سنڌ کي متحد ڪرڻ ضروري آهي، سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ ۽ سنڌ کي لٽيندڙن خلاف اٿي بيهڻ جو وقت اچي ويو آهي. ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر جڳديش آهوجا چيو ته اڄ سفر جو 21 هون ڏينهن ھو، سيد زين شاھھ فڪرمند هو تھ مارچ اڳتي ڪيئن وڌندو، پر قومي ڪارڪنن سڄي سنڌ ۾ اسان جو شاندار استقبال ڪيو، جنھن تي کين سلام پيش ڪريان ٿو، اڄ حيدرآباد ۾ شاندار آجيان ڏسي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڪراچي ۾ اسان وڏي تعداد ۾ گڏ ٿينداسين، سنڌ هاڻ تبديل ٿي وئي آهي، سنڌ جو عوام هاڻ عوام دوست سياست چاهي ٿو، پ پ جي بدعنوان حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪنداسين. ھن چيو تھ پي ڊي ايم جون جماعتون سمجھن ٿيون تھ سنڌ آصف زرداري جي کيسي ۾ پيل آھي، پر کين اھا ڳالھھ سمجھڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ھو سنڌ جي ماڻھن سان گڏ ھلڻ چاھين ٿا تھ زرداري مان پنھنجي جان آجي ڪرائين، پيپلزپارٽي وارا سنڌ جا نمائندا ناھن، پي ڊي ايم جي جماعتن کي سنڌ دوست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھيون ڪرڻيون پونديون. ايس يو پي جي اڳواڻ سيد منير حيدر شاهه هڪڙو چيو تھ سنڌ جا ماڻھو ڪنھن جا بھ قرضي ۽ غلام ناھن، جيڪڏھن اسان قرضي ۽ غلام آھيون تھ سنڌ جا آھيون، ان ڪري ضروري آھي تھ پنهنجي وطن لاءِ آواز اٿاريون، ڪرپٽ ٽولي مان جان آجي ڪرايون، جن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي، جيڪا پارٽي پنهنجي اڳواڻ جي خون سان انصاف ناهي ڪري سگهي، اھا سنڌ جي ماڻھن سان ڪھڙو انصاف ڪندي، حڪمرانن جي ڪرتوتن جي وڏي لسٽ آهي، ڌارين کي بنا ڪنهن پڇا جي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، ڇو تھ کين ڌارين جا ووٽ گھرجن، پيپلزپارٽي جي لاءِ سياست خدمت نه پر ڌنڌو آهي. ان موقعي تي خدابخش ٿيٻو، ڊاڪٽر بدر چنا، فنڪشنل ليگ اڳواڻ ارشد شر ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏھن تھ قومپرست اڳواڻ آصف بالادي ۽ اسماعيل وساڻ سميت وڪيل، صحافي ۽ مختلف جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں